اسلام آباد _ 09 جنوري (اي پي پي) اسلامي تعاون تنظيم (او آئي سي) جو سيڪريٽري جنرل حسين ابراهيم طحهٰ (اڄ) جمعي تي اسلام آباد ۾ ڪامسٽيڪ سيڪريٽريٽ جو دورو ڪندو. هو پاڪستان سميت مخ??لف او آئي سي ملڪن لاءِ منصوبن جو اعلان ۽ او آئي سي جي ميمبر ملڪن ??ي سفيرن ۽ ٻين شرڪت ڪندڙن کي پڻ خطاب ڪندو. تقريب ۾ سائنس، ٽيڪنالاجي ۽ تع??يم واري وف??قي وزير ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي، پرڏيهي سيڪريٽري، سفير، وائيس چانسلرز ۽ ٻيا عملدار شرڪت ڪندا.