اسلام آباد – 10 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪورونا جي ??ور??حال جو قوم جي حيثيت ۾ مقابلو ڪرڻو آهي، وڌندڙ سرديءَ سان گڏ ڪورونا به وڌيڪ پکڙجڻ جو خدشو آهي، جلسا جلوس ڪندڙ عوام جون جانيون خطري ۾ وجهي رهيا آهن، جلسا جلوس ٻن ٽن مهينن ??ان??وءِ به ٿي سگهن ٿا، جلسن جلوسن سان حڪومت کي ڪو فرق نه پوندو، پي ڊي ايم جلسن جي ڪري ملتان ۾ 64 ۽ پشاور ۾ 40 سيڪڙو ڪورونا جي مريضن لاءِ اسپتالن ۾ مخصوص ب??تر ڀرجي چڪا آهن، جڏهن وڌيڪ ماڻهو گڏ ٿيندا ته ڪورونا تيزي سان پکڙجندو، عوام احتياطي تدبيرون اختيار ڪري ۽ پنهنجو پاڻ کي ڪورونا کان بچائي. هن اهڙن خيالن جو اظهار ڪورونا جي ??ور??حال بابت قومي رابطا ڪميٽي جي اجلا?? کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو.