لاهور – 12 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آه?? ته الله تعاليٰ اسان جي ملڪ ڪيترن ئي قدرتي نعمتن سان مالا مال ڪيو آه??، اسان جي ملڪ ۾ ڪنهن به شيءَ جي کوٽ نه آه??، حڪومت ملڪ ۾ زيتون جي ٻيلا لڳائڻ جو منصوبو شروع ڪرڻ وڃي رهي آه??، زيتون جي ٻيلن سان خاموش انقلاب ايندو، گذريل 12 سالن ۾ لاهور ۾ 70 سيڪڙو وڻن جو خاتمو ٿي چڪو آه??، ايندڙ نسل کي صاف ۽ بهتر ماحول جي فراهمي يقيني بڻائڻي پوندي، 50 مختلف جاين تي ٻيلا لڳايا ويندا، چين جي ترقي جو راز ان جي ڊگهي مدي واري منصوبابندي آه??، بدقسمتي سان ماضي جون حڪومتون اليڪشن لاءِ پنج سالن جو سوچينديون رهيون، ملڪ جي مستقبل لاءِ اسان کي به ڊگهي مدي واري منصوبابندي تي هلڻو پوندو، 10 ارب وڻ پوکڻ سان ماحولياتي آلودگي ۾ گهٽتائي ايندي. وزيراعظم عمران خان اهڙن خيالن جو اظهار جيلاني پارڪ ۾ اربن فاريسٽ منصوبي جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته هڪ وقت جڏهن لاهور سڄو گرين هو، ٻنيون هيون، لارنس گارڊن، جناح باغ جي ڪري سڄو شهر سرسبز هو، آبادي جي وڌڻ سان گڏ اسان لاهور جي ماحوليات تي ڌيان نه ڏنو، گذريل 12 سالن ۾ لاهور جي 70 سيڪڙو وڻن جو خاتمو ٿي چڪو آه??، ان جا منفي اثر هاڻي سڀني جي سامهون آه??، فيبروري جي مهيني ۾ هڪ بهترين موسم هوندو هو پر اڄ حالت اها آه?? ته هر پاسي ڌنڌ جو راڄ آه?? جيڪا هڪ خ??موش قاتل آه??، ڏينهن ئي نٿو نڪري، ڌنڌ جي ڪري ٻارن ?? پوڙهن ۾ ڦڦڙن جو مرض عام ٿي چڪو آه??، عمران خان چيو ته اسان کي ايندڙ نسل کي صاف ۽ بهتر ماحول جي فراهمي يقيني بڻائڻي پوندي، حڪومت ماحولياتي آلودگي جي خاتمي جي لاءِ بلين ٽري منصوبو شروع ڪيو آه?? جنهن سان آلودگي ۾ گهٽتائي ايندي.