ڪراچي – 29 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته ڪراچي جي ??وام پي ٽي آءِ کي مثال?? مينڊيٽ ڏنو آهي، وزيراعظم عمران خان ڪراچي بابت تمام گهڻي دلچسپي رکي ٿو، ڀنڊار ٻيٽ سنڌ ۽ ڪراچي جي ??وام لاءِ آهن، ا?? سان ملڪ ۾ سيڙپڪاري ايندي، روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا ۽ معيشت ترقي ڪندي، چاهيون ٿا ته سينيٽ اليڪشن شفاف ٿين ۽ ماضي وانگر ان ۾ ووٽن جي ??ريد ۽ وڪرو نه ٿئي. صحافي?? سان ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته پي ڊي ايم سان ڪجهه اچي ??ه وڃي، اهي رڳو ذاتي مفاد جي لاءِ ڊرامو ڪري رهيا آهن، انهن جو رخ مختلف آهي ان لاءِ انهن جي منزل هڪ نه ٿي ٿي سگهي، پي ڊي ايم کي عوام جي پذيرائي نه ملي رهي آهي. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان جي نه ته ڪا انڊسٽري آهي نه ئي ڪاروبار، ڪراچي جي ??وام ماضي جي پارٽين کان تنگ اچي پي ٽي آءِ کي ووٽ ڏنو. هن چيو ته وفاقي حڪومت ڪراچي جي لاءِ ترقياتي پئڪيج جو اعلان ڪيو جڏهن ته صوبائي حڪو??ت ان ۾ رنڊڪون وجهي رهي آهي.