ساهيوال – 29 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سا?? سا??يوال ڊويزن سا?? تعلق رکندڙ پارليامينٽرينز ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي ميمبرن جي وفد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ راءِ م??مد مرتضيٰ اقبال، سيد صمصام علي بخاري، ملڪ نعمان ا??مد لنگڙيال، چوڌري م??مد نوريز شڪور، شيخ م??مد چوهاڻ، ملڪ فيصل جلال ڍڪو، مهر ارشاد حسين ڪاٺيا، وحيد اصغر ڊوگر، سيد م??مد مظفر کگا، راءِ حسن نواز خان، فيض الله ڪموڪا، شڪيل ا??مد نيازي، راڻا آفتاب احمد، نبيلا اعواڻ، ڊاڪٽر مظهر شيرازي ۽ وسيم رامي شريڪ هئا. پنجاب جو وڏو وزير سردار عثمان بوزدار ۽ پنجاب جو گورنر چوڌري م??مد سرور پڻ ملاقات ۾ شريڪ هئا. وفد سا??يوال جو دورو ڪرڻ تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. ملاقات ۾ سياسي معاملن، عوامي ڀلائي، ترقياتي منصوبن، خاص طور تي صحت، تعليم جي سهولتن جي فراهمي، زرعي شعبي جي ترقي جي حوالي سا?? جاري قدمن ۽ مستقبل جي منصوبن تي ڳالهه ٻولهه ٿي. ملاقات ۾ پارليامينٽرينز چيو ته وزيراعظم عمران خان جي اسلامي فلاحي رياست جي ويزن جي روشني ۾ عوام جي ڀلائي ۽ ترقي جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون.