اسلام آباد – 02 مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته اسان کي دشمن جي روايتي ۽ هائب??ڊ حملن جو ٽوڙ ڪڍڻ لاءِ هٿياربند فوج جي پيشيوراڻي تيارين سان گڏوگڏ هائبرڊ جنگي حڪمت عملي جوڙڻي پوندي، معاشري جي سڀني طبقن کي برابر موقعا فراهم ڪرڻا پوندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ايئرفورس هيڊڪوارٽر (پي اي ايف) ۾ پهرين ايرو اسپيس اينڊ نيشنل سيڪيورٽي ورڪشاپ ايرون 2021ع جي شرڪت ڪندڙن ۾ سرٽيفڪيٽ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ڪانفرنس ۾ پارليامينٽ جي ميمبرن، سرڪاري ملازمن ۽ صحافين سميت 36 ماڻهن شرڪت ڪئي. 22 فيبروري کان 2 مارچ تائين جاري رهندڙ ڪانفرنس ۾ ملڪ کي درپيش چئلينجن، اسٽريٽجڪ خودمختياري ۽ معاشي پاڻڀرائپ تي ڌيان ڏنو ويو. صدر داڪٽر عارف علوي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته ملڪ ۾ پهريون ڀيرو ايرو اسپيس ورڪشاپ منعقد ڪرڻ تي مبارڪباد ڏيان ٿو، ورڪشاپ ۾ مستقبل جي چئلينجن تي قومي مذاڪرو ٿيو. هن چيو ته قوم تڏهن بڻجندي آهي جڏهن معاشري جي هر طبقي جا مسئلا حل ٿين، اسان کي دشمن جي روايتي حملن سان گڏوگڏ هائب??ڊ حملن جو به ٽوڙ ڪڍڻو پوندو. هن چيو ته عالمي ??ياست ۽ پاليسين ۾ مسلسل تبديليون ٿي رهيون آهن، قومي ??لامتي جي چئلينجن کي من??ن ڏيڻ لاءِ عالمي ??طح تي بدلجندڙ صورتحال جي ڏس ۾ جديد طريقن تي ٻڌل حڪمت عملي اختيار ڪرڻ اهم آهي. هن چيو ته انفارميشن نيٽ ورڪس بابت ڊيجيٽل حملن ۽ وائرس بمن جي استعمال جي خطرن ۾ اضافو ٿيو آهي، گوگل ۽ فيس بڪ جهڙين ڪمپنين سميت انٽيلڪچوئل طاقت ملڪ??، گڏيل قومن ۽ دنيا جي پارليامينٽس تي اثرانداز ٿي رهي آهي، سوشل ميڊيا جي صورت ۾ عوامي ??اءِ تي اثرانداز ٿيندو پيو وڃي. سوشل ميڊيا جي من??ي اثرن کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ انفرادي سطح تي ڪوششون ڪرڻيون پونديون، عالمي ??ياسي صورتحال ۽ پاليسيون تيزي سان بدلجنديون رهن ٿيون. هن چيو ته نئين سيڪيورٽي اتحاد جي ڏس ۾ عالمي منظرنامو هر لمحي تبديل ٿي رهيو آهي، اسان کي بدلجندڙ عالمي ??ورتحال موجب پاڻ کي تيار ڪرڻو پوندو.