اسلام آباد – 09 مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته بلاول ڀٽو ۽ مريم نواز ٻئي گڏجي ??مهوريت کان بهترين انتقام وٺي رهيا آهن، پئسي سان ماڻهن جا ضمير خريد ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ۽ پوءِ جمهوريت جي پويان لڪي ويندا آهن. پن??نج?? ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته پارٽين تي قبضو ڪندڙ ايترا اهل ۽ لائق هجن ها ته ڪارڪن جي طور تي پارٽي ۾ اچن ها. موروثي سياست ڪندڙ پن??نج?? ٻارن ک?? قوم مٿان مڙهڻ چاهين ٿا. هن چيو ته عوام انهن جي دوکي ۾ نه ايندي، اهي چاهين ٿا ته لُٽ مار جو اهو ڪاروبار انهي طرح جاري رهي. قوم کي فيصلو ڪرڻو آهي ته ڪرپشن جي انهن فرنچائيز جو خاتمو ڪرڻو آهي يا کين لُٽڻ جو لائسنس ڏيئڻو آهي. وفاقي وزير چيو ته محمد نواز شريف جيڪڏهن ووٽ جي عزت تي يقين رکي ها ته پاڪستان ۾ هجي ها، مولانا فضل الرحمان پن??نج?? پٽ کي پن??نج?? گادي جي لاءِ تيار ڪري رهيو آهي.