اسلام آباد – 25 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم جي هدايتن موجب احساس پروگرام هلندڙ ٽن مهينن ۾ ملڪ جي مختلف حصن ۾ 11 پناهگاهن (شيلٽر هوم) جو افتتاح ڪيو آهي جنهن ۾ 5 پناهگاهون ڪراچي ۾، 4 بلوچستان جي ضلعن ڪوئيٽا، قلعه عبدالله، گوادر ۽ لسٻيله ۾ جڏهن ته هڪ هڪ پناهگاه گلگت بلتستان ۽ خيبرپختونخوا جي ضلعن اسڪردو ۽ مردان ۾ تربيتوار قائم ڪيون ويون آهن. ضرورت موجب وڌ کان وڌ مزدورن تائين رسائي لاءِ اهي پناهگاهون گهٽ آمدني وارن ۽ پناهگير مزدورن جي رهائشي علائقن ۾ قائم ڪيون ويون آهن، پناهگاهن جو تصور وزيراعظم جي بي وس ۽ لاچار ما??هن کي سهولت ۽ انهن جي وقار کي برقرار رکڻ جي ويزن جي عڪاسي ڪري ٿو. پناهگاهون ما??هن کي موسم جي شديد صورتحال ۽ سردي ۽ گرمي کان محفوظ رکن ٿيون، گذريل سال آگسٽ ۾ وزيراعظم غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري ڊويزن کي پناهگاهن جي مع??ار کي بهتر بڻائڻ جي ذميداري سونپي هئي، ان کانپوءِ ڪم کي تيزي سان ڪيو ويو ۽ ه?? فريم ورڪ تيار ڪيو ويو جنهن تحت اسلام آباد ۾ سمورين پنج پناهگاهن جي مع??ار کي اپ گريڊ ڪيو ويو، غ??بت جي خاتمي ڊويزن پاليسي فريم ورڪ تيار ڪيو ۽ پاڪستان بيت المال کي ان تي عملدرآمد جي ذميداري سونپي وئي، غ??بت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري ڊويزن مان جاري پريس رليز موجب وزيراعظم عمران خان جي خاص مد??گا?? ڊاڪٽر ثانيه نشتر چيو آهي ته اهي پناهگاهون هڪ بيڊ ۽ ناشتي جي سهولت سان کاڌو، ضروري سامان، صفائي سٿرائي ۽ تحفظ فراهم ڪنديون آهن ۽ هر پناهگاه ۾ 500 جي لڳ ڀڳ ما??هن کي مفت کاڌو ۽ رات جي قيام لاءِ 100 بسترن جي سهول?? فراهم ڪئي ويندي آهي.