اسلام آباد – 09 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آ??ي ته احساس پروگرام فلاحي رياست جي قيام جو بنياد آهي، اهو هڪ زبردست قدم آهي، ان پروگرام ۽ هائير ايجوڪيشن ڪميشن تحت شاگردن کي ڏني ويندڙ اسڪالرشپس کي هڪ ڊيٽا بيس تي آندو وڃي. هو ستاره مارڪيٽ اسلام آباد ۾ پهرئين ون ونڊو احساس سينٽر جي افتتاح جي موقعي تي خيالن جو اظهار ڪري رهيو هو، هن چيو ته اهو فلاحي رياست جي طرف هڪ بنيادي قدم آهي، جڏهن انگ اکر دستياب هوندا ته هدفن جو تعين ڪرڻ ۾ آساني ٿيندي. هن ان موقعي تي ڊاڪٽر ث??ني?? نشتر ۽ ان جي ٽيم جي ڪارڪردگي کي به ساراهيو. ان موقعي تي وزيراعظم جي سماجي ڀلائي واري خاص مددگار ڊاڪٽر ث??ني?? نشتر وزيراعظم کي ون ونڊ?? سينٽر ۽ احساس ون ونڊو منصوبي تي بريفنگ ڏني. وزيراعظم کي ٻڌ??يو ويو ته اهو پروگرام جديد ٽيڪنالاجي سان هم آهنگ هوندو جنهن تحت قابل ۽ ضرورتمند شاگردن کي اسڪالرشپس به ڏنيون وينديون.