اسلام آباد – 10 جون (اي پي پي) گ??ري?? 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جي ڪري پنجاب کانپوءِ سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄي ملڪ ۾ گ??ري?? 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 76 فوتگيون ٿيون جنهن مان 41 فوتگيون وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون ٿيو??. ن??شنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گ??ري?? 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ هڪ هزار 303 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان ملتان ۾ 48 سيڪڙو، لاهور ۾ 27 سيڪڙو، بهاولپور ۾ 26 سيڪڙو ۽ اسلام آباد ?? 21 ??يڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت و??رن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان ڪراچي ۾ 30 سيڪڙو، ايبٽ آباد ۾ 30 سيڪڙو، ملتان ۾ 30 ۽ پشاور ۾ 28 سيڪڙو مريض آهن. گ??ري?? 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 41 هزار 824 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 13 هزار 972، پنجاب ۾ 11 هزار 497، خيبرپختونخواهه ۾ 10 هزار 375، اسلام آباد ۾ 3 هزار 682، بلوچستان ۾ هڪ هزار 222، گلگت بلتستان ۾ 386، آزاد ڪشمير ۾ 690 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 8 لک 71 هزار 669 ٿي چڪو آهي. گگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي. جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 361 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 44 هزار 236 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس کان متاثر ماڻهن جو انگ 9 لک 37 هزار 434 آهي.