اسلام آباد – 30 جولاءِ (اي پي پي) سينيٽ چ??ئرمين محمد صادق سنجراڻي پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ پارلياماني رابطن، واپاري تعاون ۽ ٻطرفي اقتصادي لاڳاپن جي استحڪام تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ۽ ايران خطي جي ترقي ?? خوشحالي جي خواب جي تعبير لاءِ ڪوشان آهن ۽ ٻنهي ملڪن جي مذهبي، ثقافتي ۽ سماجي هڪجهڙائي ٻه طر??ي تعاون کي فروغ ڏيڻ لاءِ مستحڪم بنياد فراهم ڪري ٿي، سينيٽ چ??ئرمين اهڙن خيالن جو اظهار ايران جي سفير سيد محمد علي حسيني سان پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات دوران ڪيو. سينيٽ چ??ئرمين چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ عالمي سطح تي تعاون واکاڻ جوڳو آهي ۽ پاڪستان ايران سان پنهنجي تاريخي لاڳاپن کي انتهائي اهميت ڏي ٿو ۽ اسان جي خواهش آهي ته انهن لاڳاپن کي سياسي، سماجي ۽ اقتصادي سطح تي وڌيڪ مستحڪم ڪيو وڃي. سينيٽ چ??ئرمين چيو ته پاڪستان ۽ ايران سدائين هڪٻئي سان عالمي فورمن تي تعاون ڪيو آهي ۽ مختلف مسئلن تي هڪجهڙو موقف اختيار ڪيو آهي، هن دفاعي سطح تي تعاون کي به مثالي قرار ڏنو آهي، ايران جي سفير سينيٽ چ??ئرمين جي خيالن سان اتفاق ڪيو ۽ چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻه طر??ي تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، ملاقات ۾ مڪران ڊويزن ۽ خاص طور تي گوادر کي ايران پاران بجلي جي فراهمي منقطع ٿيڻ جو معاملو به غور هيٺ آيو. سينيٽ چ??ئرمين ايران جي حڪومت کي گوادر ۽ مڪران ڊويزن جي بجلي بحال ڪرڻ تي ٿورو ادا ڪيو ۽ چيو ته بجلي جي بندش سان علائقي جي عوام کي مشڪلاتون درپيش هيون ۽ بحالي سان عوام کي رليف مليو آهي، سينيٽر ڪهده بابر به ان سلسلي ۾ سينيٽ چ??ئرمين ۽ ايران جي سفير جي تعاون جو ٿورو ادا ڪيو. هن چيو ته سينيٽ چ??ئرمين جي ذاتي ڪوششن سان مسئلي کي حل ڪرڻ ۾ مد?? ملي، سينيٽ چ??ئرمين جي متوقع ايران جي دوري جي حوالي سان سفير سينيٽ چ??ئرمين کي دوري جي رخن جي باري ۾ آگاهه ڪيو. سينيٽ چ??ئرمين چيو ته ايران دوست ملڪ آهي ۽ ايران جو دورو ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو.