اسلام آباد – 10 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سيڙپڪارن جي سهولت ۽ ملڪ ۾ ڪاروبار ۾ آساني کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ خصوصي قدم کڻڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. وزيراعظم عمران خان سان پنجاب جي صنعت واري وزير ميان اسلم اقبال ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم کي پنجاب ۾ خصوصي اقتصادي زونز جي ت??قي بابت بريفنگ ڏني ??ئي. وزيراعظم اقتصادي ت??قي جي لاءِ سيڙپڪارن کي راغب ڪرڻ جي لاءِ فيصل آباد انڊسٽريل اسٽيٽ جي ت??قي تي خاص ڌيان ڏيڻ جي هدا??ت ڪئي. وزيراعظم سيڙپڪارن جي سهولت ۽ ملڪ ۾ ڪاروبار ۾ آساني کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ خصوصي قدم کڻڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيراعظم ميانوالي ۾ صنعتي اسٽيٽ قائم ڪرڻ جي لاءِ فزيبلٽي جي پڻ هدا??ت ڪئي ته جيئن سيمنٽ، شيشي ۽ اسٽيل جي صنعتن جي لاءِ ان جي وڌيڪ قدرتي وسيلن کي استعمال ڪري سگهجي. اهو مقامي ماڻهن جي لاءِ روز??ار جا ڪيترائي موقعا پيدا ڪري پوري علائقي جي سماجي ۽ اقتصادي ت??قي ۾ اهم ڪر??ار ادا ڪندو.