اسلام آباد – 19 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين سان ملائيشيا جي پرڏيهي وزير سيف الدين عبدالله پنهنجي وفد سان گڏ پارليامينٽ هائوس ۾ سندس چيمبر ۾ ملاقات ڪئي. ملاق??ت دوران افعانستان جي ص??رت??ال، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن بشمول ميڊيا وفدن جي مٽاسٽا سميت ڊرامي ۽ فلم جي شعبن ۾ تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ان موقعي تي ڳالهائيندي ??طلاعات واري وفاقي وزير چيو ته افغانستان جي ص??رت??ال اهڙي طرح خراب ٿيندي ??هي ته اتي تمام وڏو انساني الميو جنم وٺي سگهي ٿو، افغانستان جي وڏي آبادي ??ربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذاري رهي آهي. هن چيو ته عالمي برادري کي افغانستان کي مشڪلاتن مان ڪڍڻ جي لاءِ پنهنجون ڪوششون ڪرڻيون پونديون، افغانستان جي مدد جي لاءِ دنيا کي اڳتي اچڻو پوندو. اطلاعات واري وفاقي وزير ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ميڊيا رابطن کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. هن چيو ته فلم ۽ ڊرامي جي صنعت ۾ پڻ ٻئي ملڪ هڪ ٻئي جي تجربن مان فائدو کڻي سگهن ٿا. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پ??ڪستاني ڊرامن ٻين زبانن ۾ ترجمي سان گڏ پنهنجو هڪ مقام ٺاهيو آهي، اسان چاهيون ٿا ته پ??ڪستاني ڊرامن کي ملائيشيا جي عوام کي پڻ پيش ڪيو وڃي. ان موقعي تي ملائيشيا جي پرڏيهي وزير سيف الدين عبدالله افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام خاص طور تي افغان عوام جي مشڪل وقت ۾ مدد ڪرڻ تي پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته پ??ڪستان اسلامي ملڪن جي تنظيم جو اهم ميمبر ۽ مسلمان امت ۾ اهم مقام رکي ٿو. هن چيو ته او آءِ سي ڪانفرنس منعقد ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. ملائيشيا جي پرڏيهي وزير چيو ته پ??ڪستان سان ميڊيا، فلم ۽ ڊراما انڊسٽري ۾ تعاون کي فروغ ڏينداسين. ملاقات ۾ اطلاعات وارو مملڪتي وز??ر فرخ حبيب پڻ موجود هو.