اسلام آباد – 06 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان يونان سا?? ثقافت، تعليم ۽ سياحت جي شعبن ۾ وڌيڪ تعاون وڌائڻ جو خواهشمند آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن يونان جي عهدو ڇڏيندڙ سفير آندرياس پاپستاورو سا?? ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. صدر چيو ته پاڪستان يونان سا?? ٻط??في لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو، پاڪستان مختلف شعبن ۾ يونان سا?? ٻط??فو تعاون وڌائڻ جو خواهشمند آهي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ معاشي ۽ ثقافتي تعاون وڌائڻ جي ڪافي صلاحيت موجود آهي. صدر ملاقات ۾ افغانستان ۾ امن ۽ است??ڪا?? جي قيام لاءِ پاڪستاني ڪوششن جو به ذڪر ڪيو ۽ چيو ته امن ۽ است??ڪا?? سا?? نه رڳو افغانستان پر خطي جي ٻين ملڪن ۾ به معاشي خوشحالي ايندي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان ۾ افغانستان تي او آءِ سي ڪانفرنس جي پرڏيهي وزيرن جو 17 هون غير معمولي اجلاس ڪامياب رهيو. او آءِ سي اجلاس سا?? افغانستان جي جنگ سبب متاثر عوام لاءِ عالمي حمايت ?? معاشي مدد حاصل ٿي. هن پاڪ – يونان لاڳاپن جي فروغ تي عهدو ڇڏيندڙ سفير جي خدمتن کي ساراهيو.