اسلام آباد – 09 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي نوجو??نن تي زور ڏنو آهي ته اهي انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ موجود موقعن مان فائدو کڻن ۽ ترقي ۽ خوشحالي جي وسيع امڪان رکندڙ مسلسل پکڙجندڙ عالمي آءِ ٽي مارڪيٽ تائين پهچ حاصل ڪن. هو جوائنٽ ڪلچرل سوسائٽي فار ڪميونيٽيز ڪوليبريشن جي اهتمام هيٺ ”ڊيجيٽل د??يا ۾ موجود ڪاروباري رخ“ جي عنوان سان منعقد عالمي ويبينار کي ??طاب ڪري رهيو هو. ان ويبينار جو اهتمام ڊيجيٽل د??يا جي ويزن، رجح??نن ۽ مصنوعي ذهانت ۾ تازي ترين تبديلين تي غور ۽ نوجو??نن جي ڪردار تي خيالن جي ڏي وٺ لاءِ ڪيو ويو هو جنهن ۾ سڄي دنيا مان ماهرن شرڪت ڪئي. صدر چيو ته ڪمپيوٽنگ، ڊيٽا جي پروسيسنگ، مصنوعي ذهانت جي تجزيي، توانائي ۽ ٿري ڊي مينوفيڪچرنگ جنهن ۾ انٽرنيٽ ڊيٽا، سوشل نيٽ ورڪنگ سميت ٻيا معاملا شامل آهن، انهن شعبن ۾ وڏو انقلاب اچي رهيو آهي. هن چيو ته موجوده حڪومت تربيت يافته نوجو??نن جي خواهش موجب ٽيڪنالاجي جي دنيا جي لاءِ انساني وسيلا تيار ڪيا آهن، ڊيجيٽل مهارت جي پروگرام ذريعي 24 لک مان درخواست ڏيندڙ 16 لک ماڻهو ايندڙ مرحلي ۾ هليا ويا، ان کانسواءِ هايئر ا??جوڪيشن ڪميشن پڻ مفت ڪورسز فراهم ڪري رهيو آهي. هن عوام تي زور ڏنو ته اها سافٽ ويئر ۽ سمارٽ ايپس کي ??يار ڪرڻ سکي ڇو ته سمارٽ ايپس ڊيولپرز ان ۾ سيڙپڪاري جي ڳولا ۾ آهن، چين مختلف ايپلي ڪيشنز کي ڊيولپ ڪندي ڪندي پنهنجو سافٽ ويئر تيار ڪري ورتو.