اسلام آباد – 15 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته ??اضي ۾ نوجوانن جا سياسي رشوت جا پروگرام شروع ڪيا ويا، نواز شريف ۽ شهباز شريف ذاتي تشهير ڪندا هئا، عثمان ڊار جا ٿورائتا آهيون جو هن نوجوانن کي ??ياسي رشوت جي پروگرامز مان ڪڍيو، 40 ارب رپين جا قرض نوجوانن جي لاءِ ??نظور ڪيا ويا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن وزيراعظم جي نوجوانن جي معاملن واري خاص معاون عثمان ڊار سان گڏ پريس ڪانفرنس کي ??طاب ڪندي ڪي??. ا??لاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير چيو ته ??اضي ۾ (ن) ليگ نوجوانن جي نالي تي جيڪي پروگرامز شروع ڪيا اهي رڳو پنهنجي ذات جي لاءِ ??ئا، انهن ته ??رائيم منسٽر لون پروگرام جو سربراهه به مريم نواز کي ??ڻايو هو. مملڪتي وزير چيو ته (ن) ليگ ان پروگرام تحت رڳو 26 ارب رپيا ورهايا، اسان رڳو ڪامياب جوان پروگرام جو هدف 50 ارب رپين تائين وڌائينداسين. مملڪتي وزير چيو ته ??اضي ۾ نوجوانن جي لاءِ سياسي رشوت جا جيڪي پروگرام شروع ڪيا ويا انهن سان نوجوانن جو ڪو فائدو نه ٿيو. رڳو نواز شريف ۽ شهباز شريف جي ذاتي تشهير ٿي. هن چيو ته آئون عثمان ڊار جو ٿورائتو آهيان جو هن نوجوانن کي ??ياسي رشوت جي پروگرامن مان ڪڍيو، ڪامياب جوان پروگرام ۾ شفاف نظام متعارف ڪرايو. وزيراعظم عمران خان جي ويزن جي روشني ۾ هڪ ٺوس پروگرام کڻي آياسين جنهن جا ثمر حاصل ٿيڻ شروع ٿي ويا آهن. هن چيو ته بئنڪن کي نوجوانن کي قرض فراهم ڪرڻ جي لاءِ راضي ڪيو. فرخ حبيب چيو ته گذريل دورن ۾ شروع ڪيل پروگرامن سان ملڪي معيشت ڪمزور ٿي، نوجوانن جو تمام وڏو حصو نوڪرين جي ڳولا ۾ رهي??. ا??لاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير چيو ته 40 ارب رپين جا قرض نوجوانن جي لاءِ ??نظور ڪيا ويا آهن، 30 ارب رپين جي منظور ڪيل قرضن مان 22 هزار نوان ڪاروبار شروع ڪيا ويا آهن. مملڪتي وزير چيو ته ڪامياب جوان پروگرام ۾ اسٽارٽ اپس کي پروموٽ ڪيو ويو آهي، جن وٽ وسيلن جي کوٽ هئي هاڻي اهي ان پروگرام مان فائدو کڻي پنهنجي ۽ ٻين جي روزگار جو وسيلو بڻجي رهيا آهن. هن چيو ته ??روگرام تحت پهرين مرحلي ۾ 10 لک رپين تائين قرض بنا گارنٽي جي حاصل ڪري سگهجي ٿو. فرخ حبيب چيو ته 30 ارب رپين مان 12 ارب رپيا اسٽارٽ اپس ۾ فراهم ڪيا ويا، ڪامياب جوان پروگرام ۾ عورتن به وڌي چڙهي حصو ورتو. مملڪتي وزير چيو ته ??زيراعظم عمران خان شفافيت تي يقين رکي ٿو. هن چيو ته 3 هزار ڪاروبار سنڌ ۾ به شروع ڪيا ويا ۽ ڪامياب جوان پروگرام ۾ قرض سياسي بنيادن تي نه پر ميرٽ ۽ شفافيت کي نظر ۾ رکي ڏنا ويا آهن. هن چيو ته 30 ارب رپيا ڪامياب جوان پروگرام تحت ورهايا ويا آهن ۽ ڪامياب جوان پروگرام تحت 50 هزار نوڪريون ڏنيون ويون آهن. فرخ حبيب چيو ته ”هنر سڀني جي لاءِ“ پروگرام جي لاءِ 10 ارب رپيا رکيا ويا آهن جنهن مان 25 هزار نوجوان فائدو کڻي چڪا آهن. هن چيو ته ??اڪستان جي آءِ ??ي ايڪسپورٽس جو ٽارگيٽ هلندڙ سال 3 ارب ڊالر آهي. نوجوانن کي مختلف ??رگرمين ۾ شامل ڪرڻ جي لاءِ ايڇ اي سي سان گڏجي ٽيلنٽ هنٽ پروگرام پڻ شروع ڪيو آهي. فرخ حبيب چيو ته ??وري ملڪ ۾ ٽيلنٽ هنٽ پروگرام اڃا به جاري آهي.