اسلام آباد – 26 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته سنڌ جي عوام زرداري مافيا کان ڇوٽڪاري جي لاءِ تحريڪ انصاف جي سنڌ حقوق مارچ جي لاءِ ٻاهر نڪري. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته تحريڪ انصاف واحد وفاقي پارٽي آهي ۽ پاڪستان جي تحريڪ ۽ ب??ني سنڌ مان اٿيا هئا. هن چيو ته عوام علائقائي پارٽين کي رد ڪري وفاق جو س??ٿ ڏي، پاڪستان جو س??ٿ ڏي.