اسلام آباد – 11 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آه?? ته هٿياربند فوج ملڪ جي دفاع جي مڪمل صلاحيت رکي ٿي، پاڪستان ڏانهن جنهن ميري اک سان ڏٺو ته ان کي تمام گهڻو نقصان کڻڻو پوندو، چيني ساخته جديد جنگي جهاز خطي ۾ سيڪيورٽي عدم توازن کي ختم ڪرڻ لاءِ اسان جي دفاعي نظام ۾ هڪ تمام وڏو اضافو آه??، جيئن جيئن آمدني وڌندي غربت ۾ گهٽتائي ۽ دفاع کي وڌيڪ مضبوط بڻائينداسين، معيشت مضبوط ٿي رهي آه??، ملڪ جو رخ درست آه??، نظام کي ٺيڪ ڪري رهيا آه??ون، ٻاهر ويٺل پنهنجي باصلاحيت ماڻهن کي واپس آڻي انهن جي خدمتن مان ??ائدو کڻنداسين. هن اهڙن خيالن جو اظهار پاڪ فضائيه ۾ جديد ترين جنگي جهازن جي 10 سي جي شموليت جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو، تقريب ۾ دفاع وارو وزير پرويز خٽڪ، پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي،اطلاعات ۽ نش??يات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين،دفاعي پيداوار واري وفاقي وزير زبيد?? جلال، منصوبابندي وارو وفاقي وزير اسد عمر، وزيراعظم جو خاص مددگار شهباز گل، بري فوج جو سربراهه جنرل قمر جاويد باجوه، پاڪ بحريه جو سربراهه امجد نيازي ۽ پاڪ فضائيه جو سربراهه ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو ۽ پاڪستان ۾ چين جو سفير نونگ رونگ به موجود هئا. وزيراعظم چيو ته تقريبن 40 سال اڳ پاڪ فضائيه ۾ ايف – 16 جنگي جهاز جڏهن شامل ڪيا ويا هئا ته ملڪ ۾ خوشي ڇائنجي وئي هئي ته اسان جديد جهازن ۽ ٽيڪنالاجي جي ذريعي پنهنجي ملڪ جو دفاع ڪري سگهون ٿا، هاڻي جي ٽين سي جنگي جهازن جي شموليت تي سڄي قوم کي مبارڪباد پيش ڪريان ??و، بدقسمتي سان ??نڍي کنڊ ۾ عدم توازن پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، ان سيڪيورٽي عدم توازن کي ختم ڪرڻ لاءِ اسان جي دفاعي نظام ۾ هڪ تمام وڏو اضافو ٿيو آه??، چين جو خاص طور تي ٿورو ادا ڪريان ??و ته ان 8 مهينن جي رڪارڊ مدي ۾ اهي جنگي جهاز اسان کي فراهم ڪيا آه??، وزيراعظم چيو ته اسان جي هٿياربند فوج ۾ هڪ جديد سوچ اچي چڪي آه??، مستقبل جي وار فيئر ۾ ٽيڪنالاجي تي خاص طور تي زور ڏنو ويندو. ملڪي ٽيڪنالاجي کي فروغ ڏئي ڪري اسان ??نهنجي ملڪ کي ترقي ڏئي سگهون ٿا، ان جي لاءِ اسان ??يڪنالاجي زون قائم ڪيو آه??، هڪ يونيورسٽي به ٺاهي رهيا آه??ون، جتي جديد ٽيڪنالاجي جي سهولت هوندي، وزيراعظم چيو ته پاڪستان ان لحاظ کان خوش قسمت آه?? ته هر شعبي ۾ باصلاحيت ماڻهو موجود آه??، پر ان مان ڪيترائي اڃان ??لڪ کان ??اهر آه??، جيئن جيئن معيشت مضبوط ٿي رهي آه?? ملڪ اڳتي وڌي رهيو آه??، اسان جو رخ درست ٿي رهيو آه??، اسان ??ظام کي ٺيڪ ڪري رهيا اهيون، انشاءُ الله اهو سڄو ٽئلينٽ به اسان کي دستياب ٿيندو، اسان ??لڪ ۾ هر قسم جو معياري ادارو ٺاهي سگهون ٿا، جيئن جيئن ملڪ ترقي ڪندو اسان ??اهر ويٺل پنهنجي باصلاحيت ماڻهن کي واپس آڻي سگهنداسين، وزيراعظم چيو ته قوم پاران ??نهنجي هٿياربند فوج کي پيغام آه?? ته اسان کي پنهنجي هٿياربند فوج تي پورو اعتماد آه?? ته هو ملڪ جو دفاع ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي ۽ جيڪڏهن ڪو به پاڪستان ڏانهن ميري اک سان ڏسندو ته ان کي پتو هجڻ گهرجي ته ان کي تمام گهڻو نقصان کڻڻو پوندو. وزيراعظم چيو ته پلواما کانپوءِ جڏهن بالاڪوٽ تي حملو ٿيو ان کانپوءِ پاڪستان جهڙي طرح جو رد عمل ڏيکاريو ان سان سڄي دنيا کي اهو پيغام ملي ويو ته اسان ??نهنجي حفاظت ڪرڻ جي پوري صلاحيت رکون ٿا، جڏهن قوم هٿياربند فوج جي پويان بيهي ته ان جي طاقت بڻجندي آه?? جڏهن قوم ۽ هٿياربند فوج جي سوچ هڪ هجي ته پوءِ اها مضبوط ٿيندي آه??، وزيراعظم چيو ته دهشتگردي جي خلاف اسان تمام گهڻيون قربانيون ڏنيون آه?? ۽ هڪ مشڪل جنگ وڙهي آه??، عراق ۽ شام جا مثال اسان جي سامهون آه?? ته اتي ڇا ٿيو، ملڪ تباهه ٿي ويندا آه??، پرا سان جي هٿياربند فوج ۽ عوام جهڙي طرح حالتن کي منهن ڏنو دنيا کي ان مان خبر پئجي وئي آه?? ته پاڪستان ??نهنجي حفاظت ڪري سگهي ٿو، جنگي جهازن جي فضائي مظاهري سان ??ون کي يقين ٿي ويو آه?? ته ڪو به اسان جي مٿان ڪنهن به قسم جو ڪو به دٻاءُ نٿو وجهي سگهي، آزاد ملڪ صرف ان صورت ۾ آزاد ۽ خوددار رهي سگهي ٿو جڏهن هو پنهنجي حفاظت ڪري سگهي، وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ رڪارڊ ٽيڪس وصولي ٿي آه??، جهڙي طرح اسان جي ٽيڪس وصولي ۽ روانگي واپار وڌي رهيو آه??، مٽاسٽا جي ناڻي ۾ اضافو ٿي رهيو آه?? ۽ آمدني وڌي رهي آه?? جيئن جيئن اسان جي آمدني وڌندي ته اسان ??ن معاملن تي وڌيڪ خرچ ڪنداسين، اسان جي پهرين ترجيح ملڪ ۾ غربت گهٽ ڪرڻ آه?? ۽ غريب طبقي تي خرچ ڪرڻ آه??، ترقي يافته ملڪ ۾ به يونيورسل هيلٿ ڪوريج ناهي ڏني ويندي، اسان 10 لک روپين جي هيلٿ انشورنس ڏئي رهيا آه??ون، احساس پروگرام شروع ڪيو آه??، جيئن جيئن آمدني وڌندي دفاع کي وڌيڪ مضبوط بڻائينداسين، اصل طاقت اها هوندي آه?? ته جنگ وڙهڻي ئي نه پوي ۽ دشمن کي خبر هجي ته ان وٽ پنهنجي تياري آه?? ته جيڪڏهن هو جارحيت ڪندو ته ان کي تمام وڏو نقصان ??يندو، غربت ۾ گهٽتائي ۽ دفاع کي مضبوط بڻائڻ اسان جي بجيٽ ترجيحن ۾ شامل هوندو، تقريب کي پاڪ فضائيه جي سربراهه ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر به خطاب ڪيو. ان کان اڳ منهاس ايئر بيس ڪامره اچڻ تي پاڪ فضائيه جي سربراهه وزيراعظم عمران خان ۽ وفاقي وزيرن جي آجيان ڪئي، وزيراعظم گارڊ آف آنر جو معائنو ڪيو، پاڪ فضائيه جي دستي کيس سلامي پيش ڪئي، بعد ۾ وزيراعظم جي ٽين سي جنگي جهازن جو معائنو به ڪيو ۽ انهن جهازن ۾ استعمال ٿيندڙ ٽيڪنالاجي ۽ ان جي خصوصيتن جي حوالي سان ??علومات حاصل ڪئي.