اسلام آباد – 11 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف کي ترڪيءَ جي ص??ر رجب طيب اردوان وزيراعظم چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏيندي نيڪ خواهشن جو ??ظهار ڪيو آهي. هن وزيراعظم شهباز شريف کي ٽيليفون ڪئي ۽ کيس وزارت عظميٰ جو ??هدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته هو ان خبر تي تمام گهڻو خوش آهي. هن چيو ته مون کي يقين آهي ته توهان جي قيادت ۾ پاڪستان ۽ ترڪيءَ جي ڀائراڻي لاڳاپن ۾ وڌيڪ مضبوطي ايندي. پاڪستان ۽ ترڪيءَ بااعتماد ڀائر آهن، ٻنهي جي لاڳاپن ۾ وڌيڪ ويجهڙائپ آڻڻ چاهيون ٿا. وزيراعظم شهباز شريف ٽيليفون ڪرڻ ۽ مبارڪباد تي صدر اردوان جا ٿورا مڃيا ۽ نيڪ خواهشن جو ??ظهار پڻ ڪيو.