اسلام آباد – 17 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته مسيحي برادري پاڪستان ۾ تعليم، صحت ۽ دفاع سميت سمورن شعبن ۾ غيرمعمولي خدمتون سرانجام ڏنيون آهن، مسيحي برادري سميت سمورا غيرمس??ما?? پاڪستاني اسان جو فخر جوڳو ا??اثو ۽ قوت آهن، اسان پنهنجي غيرمسلم پاڪستانين جي ترقي، ڀلائي ۽ انهن کي آئيني حقن جي فراهمي يقيني بڻائڻ جو عزم رکون ٿا. اهڙن خيالن جو ا??هار وزيراعظم محمد شهباز شريف ايسٽر جي تهوار جي موقعي تي پاڪستان ۽ سڄي دنيا جي مسيحي برادري کي مبارڪباد وارو پيغام ڏيندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته مسيحي برادري کي ايسٽر جي خوشين جي مبارڪباد ڏيون ٿا ۽ نيڪ خواهشن جو ا??هار ڪريون ٿا. هن چيو ته حضرت عيسيٰ عه سان والهاڻي محبت ۽ عقيدت مسيحن ۽ مس??ما??ن جي وچ ۾ هڪ تمام وڏو گڏيل قدر آهي. وزيراعظم جو چ??ڻ هو ته مسيحي برادري پاڪستان قائم ٿيڻ کان وٺي تعم??ر پاڪستان تائين هر مرحلي تي تاريخي ڪردار ادا ڪيو آهي. هن چيو ته هن تهوار تي پاڪستان جي ترقي، دنيا ۾ امن ۽ محبت جي ف??وغ?? تڪرارن ۽ نفرتن جي خاتمي جي خصوصي دعا جي اپيل ڪريان ٿو.