اسلام آباد – 24 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سينئر ڪشميري اڳواڻ محمد ياسين ملڪ کي ڀارتي عدا??ت پاران جعلي الزامن تي فرد جرم لڳائڻ جي شديد مذمت ڪندي ان جي فوري آزادي جو مطالبو ڪيو آهي. ڀارت کي والاريل ڪشمير ۾ ع??لم?? قانونن جي خلاف ورزي ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ جا سنگين انساني نتيجا برآمد ٿيندا. پرڏيهي وزارت جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته محمد ياسين ملڪ تي لڳايل من گهڙت الزامن کي ختم ڪري ان کي فوري طور تي آزاد ڪيو وڃي، هن ڀارتي عدا??ت پاران محمد ياسين ملڪ تي غلط فرد جرم لاڳو ڪرڻ جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته ياسين ملڪ غير قانوني طور تي قبضي هيٺ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ حريت اڳواڻن ۾ سڀني کان نمايان ۽ قابل ??عتراض آواز آهي، ڀارت ان کي فوري تي آزاد ڪري ۽ ان کي پنهنجي خاندان سان ٻيهر ملڻ جي اجازت ڏني و??ي. هن چيو ته سالن کان جاري ڀارتي ڏاڍ جي خلاف ان جي پختي عزم کي اهڙي غير منصفاڻي فيصلن سان ڪمزور نٿو ڪري سگهجي. پرڏيهي وزير چيو ته ڀارت کي والاريل ڪشمير ۾ سڀني سياسي قيدين کي آزاد ڪرڻ ۽ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين کي روڪڻ گهرجي. ڀارت کي ڄاڻ هجي ته هو ڪشميري عوام کي ان جي خودمختياري واري حق جي استعمال کان سدائين لاءِ نٿا روڪي سگهن جيڪو انهن کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تحت ڏنو ويو آهي. هن ع??لم?? برادري، گڏيل قومن ۽ انساني حقن جي تنظيمن کان مطالبو ڪيو آهي ته کين ڀارت کي محمد ياسين سان ٿيندڙ ان سنگين ناانصافي کي روڪڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. پرڏيهي وزير چيو ته ع??لم?? برادري کي اهو سمجهڻ گهرجي ته جيڪڏهن ڀارت کي والاريل ڪشمير ۾ ع??لم?? قانون جي خلاف ورزي ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي ته ان جا سنگين انساني نتيجا برآمد ٿيندا.