اسلام آباد – 06 – جولاءِ (اي پي پي) ??در ڊاڪٽر عارف علوي سامونڊي سياحت ۽ ب??يو اڪانامي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان جي سمنڊ، جذيرن ۽ سامونڊي ماڳن کي عالمي معيار موجب ترقي ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته فري سروس جي ذريعي سامونڊي چرپر سان سامونڊي علائقن ۾ رهندڙ ماڻهن کي مناسب ۽ سستي سفري سهولتون ملنديون. ايوان ??در جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ??در اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستان بوٽ ريلي اينڊ فشنگ ٽورنامينٽ جي سي اي او احمد مامور اميني سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان ??در ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ان موقعي تي عالمي رابطن واري وزارت جو سيڪريٽري احمد حنيف اورڪزئي، ميري ٽائيم افيئرز واري وزارت، پاڪستان اسپورٽس بورڊ ۽ پاڪستان ٽوئرازم ڊيولپمينٽ ڪارپوريشن جا نمائندا موجود هئا. ??در چيو ته فيري سروس سان پاڪستاني سامان جي ٻين حصن تي چرپر جو هڪ عمل جوڳو وسيلو ميسر ٿيندو. فيري سروس سان بندرگاهن ۽ سياحتي ماڳن جي ترقي کانسواءِ سياحت کي به فروغ ملندو. ??در چيو ته پاڪستان جي سامونڊي پٽيءَ کي ان جي ڀرپور صلاحيتن موجب ترقي ڏيڻ گهرجي. سامونڊي علائقي جي ترقي سان سامونڊي علائقن ۾ معاشي سرگرمين کي فروغ ۽ مقامي آبادي کي روزگار ملندو. ??در چيو ته سامونڊي علائقي جي ترقي سان پاڪستان جي منفرد جيو ا??نامڪ جاگرافيائي بيهڪ کي اجاگر ڪرڻ ۾ مدد ملندي. ??در سامونڊي سفر جي فروغ لاءِ ضروري بنيادي ڍانچي جي تعمير جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته سامونڊي سفر جي فروغ لاءِ سڀني ڌرين جي مشاورت سان سازگار ماحول پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي. لاڳاپيل ادارا هڪ ٻئي سان ويجهي هم آهنگي سان ڪم ڪن. هن چيو ته باقاعده، رسمي ۽ قانوني سامونڊي سفر کي ڪامياب بڻائڻ ۾ سڀني لاڳاپيل ادارن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي. ??در چيو ته پاڪستان عالمي سامونڊي راندين جو مقابلو منعقد ڪرڻ ڪافي آمدني ڪمائي سگهي ٿو. بوٽ ريلي کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ سڀئي ڌريون گڏجي ڪم ڪن. ??در کي ان موقعي تي پاڪستان ۾ سامونڊي سياحت جي امڪانن بابت بريفنگ به ڏني وئي. ??در کي پاڪستان ۾ ب??يو ٽوئرازم جي امڪانن ۽ پاڪستان جي سافٽ اميج کي بلند ڪرڻ ۾ پاڪستان بوٽ ريلي ۽ فشنگ ٽورنامينٽ جي ڪردار بابت ٻڌايو ويو. گذريل سال پاڪستان بوٽ ريلي ڪراچي کان گوادر تائين 9 بيڙين تي پنج ڏينهن ۽ چار راتين سان 650 ڪلومي??ر جو سفر ڪيو جنهن کي دنيا جي سڀ کان ڊگهي بوٽ ريلي جو نالو ڏنو ويو. پاڪستان بوٽ ريلي هڪ عالمي ايونٽ ٿيڻ وڃي رهيو آهي جنهن ۾ ڀرپاسي جي ملڪن جا ٻيڙي هلائيندڙ به شرڪت ڪندا.