اسلام آباد – 11 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته جاپان پاڪستان جو پراڻو دوست ملڪ آهي، پاڪستان مختلف شعبن ۾ جاپان جي تعاون کي انتهائي قدر جي ??گا??ه سان ڏسي ??و. وزيراعظم آفيس ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف سان جاپان جي بي ايس پي انويسٽمينٽ گروپ جي وفد تڪاجي جي باني تڪاجي سوجي جي قيادت ۾ اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. بي ايس پي انويسٽمينٽ گروپ پاڪستان ۾ مختلف شعبن ۾ هڪ ارب ڊالر جي سيڙپڪاري ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم جاپاني سيڙپڪارن جي فيصلي جي آجيان ڪئي ۽ سيڙپڪاري بورڊ جي عملدارن کي ان سلسلي ۾ سمورا ضروري قدم جلد کان جلد کڻڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم جاپاني سيڙپڪاري کي ملڪ جي تعمير ۽ ترقي ۽ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ جي لاءِ انتهائي خوش آ??نده قرار ڏنو ۽ سيڙپڪارن کي پاڪستان حڪومت پاران هر ممڪن مدد فراهم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي. وزيراعظم چيو ته جاپان پاڪستان جو پراڻو دوست ملڪ آهي. پاڪستان مختلف شعبن ۾ جاپان جي تعاون کي انتهائي قدر جي ??گا??ه سان ڏسي ??و. ملاقات ۾ دفاع واري وفاق?? وزير خواجه محمد آصف، سيڙپڪاري بورڊ واري وفاق?? وزير چوڌري سالڪ حسين، تعليم واري وفاق?? وزير راڻا تنوير حسين، وزيراعظم جي خاص معاون سيد طارق فاطمي ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.