اسلام آباد– 30 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اميد آهي ته عالمي برادري پاڪستان ۾ ٻوڏ متاثرين جي مدد ۽ بحالي جي لاءِ گڏيل ق??من پاران اعلان ڪيل فنڊنگ کي پورو ڪرڻ ۾ پنهنجو حصو وجهندي، حڪومت سڄي ملڪ جي ماڻهن جي لاءِ ريليف فنڊ پڻ قائم ڪيو آهي ۽ ??اه??ئين ملڪ رهندڙ ماڻهن جي لاءِ ٻوڏ جي امدادي ڪ??ششن ۾ عطيا ڏيڻ جا انتظام ڪيا آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف سان يورپين يونين ڪائونسل جي صدر چارلس مشيل ٽيليفون تي رابطو ڪيو. يورپين ڪائونسل جي صدر پاڪستان ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جي نتيجي ۾ قيمتي جانين جي زيان ۽ ملڪيتن جي نقصان تي افسوس جو اظهار ڪيو. وزيراعظم يورپ?? يونين جي صدر جا همدردي جي اظهار ۽ پاڪستان ۾ ٻوڏ متاثرين جي لاءِ يورپ?? يونين پاران 2.15 ملين يورو جي امداد تي ٿورا مڃيا. يورپ?? يونين جي صدر کي غيرمعمولي برساتن سان سڄي پاڪستان ۾ ٿيندڙ وسيع پئماني تي تباهي کان آگاهه ڪندي وزيراعظم چيو ته ٻوڏ سان انساني جانين، روزگار، چوپائي مال، فصلن، نجي ملڪيتن ۽ انفراسٽرڪچر کي وڏي پئماني تي نقصان پهتو آهي. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته افسوسناڪ ڳالهه اها آهي ته هي صورتحال وڌيڪ خراب ٿيڻ جو خدشو آهي ڇو ته ٻن مهينن کانوڌيڪ ٻوڏ جي ور چڙهيل علائقن ۾ برساتن جو سلسلو جاري رهڻ جو امڪان آهي. وزيراعظم يورپ?? يونين جي صدر کي حڪومت جي ٻوڏ متاثرين جي لاءِ ريسڪيو ۽ امدادي ڪاررواين کان پڻ آگاهه ڪيو جنهن ۾ ٻوڏ متاثرين ۾ خوراڪ، دوائن ۽ امدادي سامان جي فوري پهچ ۽ ورڇ شامل آهي. حڪومت سڄي ملڪ جي ماڻهن جي لاءِ هڪ ريليف فند پڻ قائم ڪيو آهي ۽ ??اه??ئين ملڪ رهندڙن جي لاءِ ٻوڏ جي امدادي ڪ??ششن ۾ عطيو ڏيڻ جا انتظام ڪيا آهن. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته گڏيل ق??من جي فليش اپيل اڱاري تي شروع ٿي وئي آهي ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته عالمي برادري گڏيل ق??من پاران اعلان ڪيل فنڊنگ کي پورو ڪرڻ ۾ پنهنجو حصو وجهندي.