ثمرقند ?? 15 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ايران جي صدر ابراهيم رئيسي ۾ ملاقات ٿي. وزيراعظم آفيس ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن ٻطرفن لاڳاپن ?? گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اها ملاقات شنگهائي تعاون تنظيم جي مملڪتي سربراهن جي سالياني اجلاس جي موقعي تي ثمرقند ۾ ٿي جيڪو خميس ۽ جمعي تي ٿي رهيو آهي. ان موقعي تي وزير بلاول ڀٽو زرداري، خواجه محمد آصف، مفتاح اسماعيل ۽ ايراني عملدار پ?? موجود هئا.