آستانه – 13 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ تاجڪستان جي صدر امام علي رحمان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ معيشت، واپار، توانائي ۽ رابطن جي شعبن ۾ لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ، ڪاسا 1000 منصوبي کي جلد مڪمل ڪرڻ ۽ خطي ۾ ام??، استحڪام ۽ سلامتي جي لاءِ گڏجي ڪ?? ڪرڻ جي ضرورت تي اتفاق ڪيو آهي. اهو اتفاق راءِ رابطن جي فروغ ۽ اعتمادسازي جي قدمن ”سيڪا“ جي ڇهين سربراهي اجلاس جي موقعي تي ملاقات ۾ ٿيو. وزيراعظم تاجڪستان جي صدر کي ملڪ ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کانپوءِ حڪومت پاران شروع ڪيل بحالي جي ڪ??ن بابت آگاهه ڪيو. هن ماحولياتي تبديلين سان پيدا ٿيندڙ قدرتي آفتن جي وڌندڙ خطري کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششون ڪرڻ جي ضرورت تي ??ور ڏنو. صدر امام علي رحمان کيس ان سلسلي ۾ تاجڪستان پاران مسلسل تعاون جي خاطري ڪرائي جنهن ۾ ٻوڏ بابت ضروري امدادي سامان کڻي ويندڙ ٽرڪن جي اضافي قافلي جي روانگي پڻ شامل آهي. وزيراعظم گذريل مهيني ثمرقند ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهه اجلاس جي موقعي تي تاجڪ صدر سان پنهنجي ملاقات جو ذڪر ڪيو ۽ مختلف شعبن ۾ مسلسل وڌندڙ ٻطرفن لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن اعليٰ سطح جي رابطن، بين الپارلياماني رابطن ۽ ٽيڪنيڪي سطح جي ملاقاتن کي وڌيڪ وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ته جيئن ٺوس تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏئي سگهجي. وزيراعظم توانائي جي ش??بي ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي ??ور ڏنو. ان موقعي تي ڪاسا 1000 منصوبي کي جلد مڪمل ڪرڻ جي لاءِ گڏجي ڪ?? ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو، جيڪو وچ ايشيا سان مستقبل ۾ توانائي جي لنگهه جو مرڪز هوندو. وزيراعظم خطي ۾ رابطن کي فروغ ڏيڻ جي اهميت کي اجاگر ڪندي روڊ ٽرانسپورٽ ۽ فضائي رابطن جي ش??بي ۾ تعاون کي سگهه ڏيڻ تي ??ور ڏنو. هن تاجڪستان کي گوادر ۽ ڪراچي بندرگاهن تائين پهچ فراهم ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي راضپي کي ورجايو. ٻنهي اڳواڻن گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ خطي ۾ ام??، استحڪام ۽ سلامتي کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ گڏجي ڪ?? ڪرڻ جي ضرورت تي اتفاق ڪيو. ٻنهي اڳواڻن وسيع تر اقتصادي تعاون خاص طور تي واپار، توانائي ۽ زميني ۽ فضائي رابطي جي شعبن ۾ پنهنجي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ تي پڻ اتفاق ڪيو.