اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) ??زي??اعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ايشيائي ترقياتي بئنڪ ترقي جي لاءِ اسان جي حصيدار آهي، بريس پروگرام سماجي تحفظ جي لاءِ حڪومتي قدمن جي مدد ۽ ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ريليف ۽ بحالي جي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪندو. هو بريس پروگرام تحت قرض جي فراهمي جي معاهدي تي صحيحن واري تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. تقريب ۾ ناڻي وارو وفاقي ??زي?? سينيٽر اسحاق ڊار، اقتصادي معاملن واري وفاقي ??زي?? سردار اياز صادق، اي ڊي بي جو وائيس پريزيڊنٽ ۽ ٻيا به شريڪ هئا. ??زي??اعظم چيو ته ه?? مشڪل وقت ۾ اي ڊي بي پ??را?? تعاون تي ٿورا مڃون ٿا. ايشيائي ترقياتي بئنڪ ڪيترن ئي اهم پروگرامن جي شفافيت سان پڄاڻي لاءِ ڀرپور مدد ڪئي آهي ۽ ترقي جي لاءِ اسان جي حصيدار رهي آهي. بريس پروگرام سماجي تحفظ جي لاءِ حڪومتي قدمن جي معاونت جي سلسلي ۾ به اهم ڪردار ادا ڪندو. ??زي??اعظم چيو ته ه?? مشڪل وقت ۾ پاڪستان جي مدد لاءِ هي اهم پروگرام اسان جي معيشت جي استحڪام ۽ مستقبل جي ضرورتن جي حوالي سا?? به ڪارائتو ثابت ٿيندو. ناڻي واري وفاقي ??زي?? سينيٽر اسحاق ڊار پروگرام کي جاري ڪرڻ تي اي ڊي بي جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته موجوده حڪومت ??زي??اعظم شهباز شريف جي قيادت ۾ انهن معاشي مسئلن ۽ چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، جيڪي اڳوڻي حڪومت پ??را?? ورثي ۾ مليا آهن. ملڪ کي ٻوڏ جي صورت ۾ هڪ قدرتي آفت درپيش آهي، ٻوڏ سان ٿيندڙ نقصانن جو ڪاٿو 32.4 ارب ڊالر کان وڌيڪ جو لڳايو ويو آهي، حڪومت اڪيلي ا?? مشڪل صورتحال کي منهن نه ٿي ڏئي سگهي، متاثرين ۾ 70 ارب رپين جي روڪ امداد جي ورڇ جاري آهي. اقتصادي معاملن واري وفاقي ??زي?? سردار اياز صادق به پروگرام تي اي ڊي بي جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته وفاقي حڪومت صوبائي حڪومتن سان گڏجي ٻوڏ متاثرين جي مدد لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهي آهي. ان موقعي تي اي ڊي بي جي وائيس پريزيڊنٽ چيو ته بريس پروگرام 1.5 ارب ڊالر جو پروگرام آهي ۽ ٻوڏ متاثر علائقن ۾ متاثرين جي بحالي ۽ ريليف جي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪندو.