اسلام آباد-28 آڪٽوبر (اي پي پي) عالمي بئنڪ چ??و آهي ته پاڪستان ۾ هاڻوڪي ٻوڏ سبب 30 ارب ڊالرن کان وڌيڪ جو نقصان ٿ??و آهي، جڏهن ته تعمير ۽ ٻيهر بحالي لاءِ پاڪستان کي 16 ارب ڊالرن جي ضرورت آهي. اها ڳالهه عالمي بئنڪ طرفان جاري ڪيل رپورٽ ?? چئي وئي آهي. رپورٽ ?? چيو و??و آهي ته هاڻوڪي ٻوڏ سبب قيمتي جانين جي ضايع ٿيڻ کانسواءِ گهرن، زر??عت، چوپائي مال، ٽرانسپورٽ ?? مواصلات جي شعبن کي شديد نقصان پهتو آهي، انهن شعبن ۾ ترتيبوار 5.6 ارب ڊالر، 3.7 ارب ڊالر ۽ 3.3 ارب ڊالرن جو نقصان ٿ??و آهي. رپورٽ موجب سڀ کان وڌيڪ يعني 70 سيڪڙو سنڌ ۾ ٿ??و آهي، بلوچستان نقصانن جي حوالي سان ٻي نمبر تي، خيبرپختونخوا ٽئين نمبر ۽ پنجاب چوٿين نمبر تي آهي، رپورٽ ?? ٻڌايو ويو ته هاڻوڪي ٻوڏ سب?? پاڪستان ۾ 33 ملين ماڻهو متاثر ٿيا، 1730 ماڻهن جون جانيون ضايع ٿيو، هن وقت به ڪيترن ئي متاثر علائقن ۾ پاڻي بيٺل آهي جنهن سب?? پاڻي مان پيدا ٿيندڙ بيماريون پکڙجي رهيون آهن، هن وقت 8 ملين بي گهر ماڻهن کي صحت جا مسئلا سامهون آهن. رپورٽ ?? ٻڌايو و??و آهي ته هاڻوڪي ٻوڏ سبب زر??عت ۽ چوپائي مال جي شعبن سان لاڳاپيل عورتون وڌيڪ متاثر ٿيون آهن، عالمي بئنڪ ٻڌا??و آهي ته حڪومت متاثر ڪميونٽيز کي فوري رليف ۽ جلد بحالي ۾ مدد فراهم ڪري رهي آهي، ته جيئن ميڪرو اڪنامڪ ۽ مالياتي استحڪام کي يقيني بڻائي سگهجي.