اسلام آباد– 23 – نومبر (اي پي پي) حڪومت جي اتحادي پارٽ??ن جي اڳواڻن آئين?? مقرر??ن جي حوالي سان وزيراعظم شهباز شريف جي ڀرپور حمايت ڪندي ان کي فيصلي جو اختيار ڏئي ڇڏيو آهي. وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ اتحادي پارٽ??ن جي اڳواڻن جو مشاورتي اجلاس وزيراعظم هائوس ۾ ٿيو. اتحادي پارٽ??ن جي مشاورتي اجلاس ۾ پارٽي سربراهن ۽ اڳواڻن وزيراعظم شهباز شريف جي ڀرپور حمايت ڪئي. ذريعن موجب مسلم ليگ (ق) جي صدر چوڌري شجاعت حسين ان موقعي تي خطاب ڪندي چيو ??ه الله تعاليٰ توهان کي عزت ۽ عهدي سان نوازيو آهي، الله تعاليٰ جا شڪر ادا ڪريون ٿا، اهو توه??ن جو آئيني حق آهي ۽ اسان توهان سان گڏ بيٺل آهيون. جي يو آءِ (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو ته وزيراعظم جيڪو به فيصلو ڪندو، جي يو آءِ (ف) اُن سان گڏ بيٺل آهي ۽ توه??ن جي تائيد ڪري ٿي. بلوچستان عوامي پارٽي جي اڳواڻ خالد مگسي چيو ته توه??ن جيڪو فيصلو ڪريو، اسان توهان سان ڄمي بيٺل آهيون. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ميان صاحب، اسان هر فيصلي ۾ توهان سان گڏ بيٺل آهيون. ايم ڪيو ايم پاڪست??ن جي ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي چيو ته توهان تي مڪمل اعتماد آهي، توه??ن جو آئيني حق آهي، توهان اسان سان مشاورت ڪئي، توه??ن جا ٿورائتا آهيُون. اسلم ڀوتاڻي چيو ته آئين تحت فيصلو توهان کي ڪرڻو آهي، اسان توه??ن جي فيصلي جي تائيد ڪريون ٿا. محسن داوڙ چيو ??ه اهم مقرر??ن جو اختيار توهان وٽ آهي ۽ توهان ئي ??ن جا مجاز آهيو، اسان توهان سان گڏ آهيون. آفتاب شيرپائو چيو ??ه اختيار توه??ن جو آهي، توهان اسان تي اعتماد ڪيو، اسان توهان تي مڪمل اعتماد ڪريون ٿا. شاهزين بگٽي چيو ته آئين توهان کي ذميواري ڏني آهي، اسان توه??ن جي فيصلن جي تائيد ۽ حمايت ڪريون ٿا، مشاورت ڪرڻ توه??ن جي جمهوري سوچ جو مظهر آهي. اڳوڻي وزيراعظم ۽ مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ شاهد خاقان عباسي چيو ته سمورين پارٽ??ن جو وزيراعظم شهباز شريف تي مڪمل اعتماد اس??ن جي لاءِ فخر جوڳو آهي.