اسلام آباد – 14 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت بل اينڊ ميلنڊا گي??س فائونڊيشن سان گڏ ڪم جاري رکندي ته جيئن ان امر کي يقيني بڻائي سگهجي ته ڪ??به ٻار پوليو جهڙي خطرناڪ وائرس جو شڪار نه رهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته گذريل رات سندس بل گي??س سان ٽيليفون تي تي ڳالهه ٻولهه ٿي. جنهن ۾ ٻوڏ متاثر علائقن ۾ پوليو جي خاتمي جي راهه ۾ آ??ل رڪاوٽن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم چيو ته هو پوليو جي خاتمي جي لاءِ بل گي??س جي مسلسل تعاون تي ان جو شڪرگذار آهي