ايبٽ آباد – 10 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم ا??رنگزيب چي?? آهي ته پي ٽي آءِ جي وفاق ۾ چار سال ۽ خيبرپختونخواهه ۾ 10 سال حڪومت دوران رڳو تباهي ٿي آهي ۽ ان جي ڊگهي داستان آهي، آءِ ايم ا??ف وٽ اتحادي حڪومت نه وئ?? عمران خان ويو هو، اسان آءِ ايم ا??ف پروگرام اڳ ۾ به مڪمل ڪيو ۽ هاڻي به مڪمل ڪنداسين، ملڪي معيشت کي پاڻڀرائپ طرف کڻي وينداسين، صحافين جو تحفظ ۽ انهن کي سمورين سهولتن جي فراهمي حڪومت جي اولين ترجيح آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير مرتضيٰ جاويد عباسي سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چي?? ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ مريم نواز خيبرپختونخواهه ۾ هزاره مان تنظيمي اجلاسن ۽ ورڪرز ڪنوينشنز جي شروعات ڪئي، هن هتي ورڪرز ڪنوينشن کي خطاب ڪيو، سوشل ميڊيا ونگ جي اجلاس جي صدارت ڪئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چي?? ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) خاص طور تي نواز شريف جو پوري خيبرپختونخواهه خاص طور تي هزاره جي عوام سان محبت جو رشتو آهي، جڏهن به مسلم ليگ (ن) جي حڪومت اقتدار ۾ آئي سدائين هزاره ۽ خيبرپختونخواهه جي ترقي جي لاءِ قدم کنيا. هن چي?? ته 2014ع ۾ محمد نواز شريف صحت ڪارڊ خيبرپختونخواهه مان جاري ڪيو، وزيراعظم شهباز شريف ڪجهه عرصو اڳ هزاره اليڪٽرڪ ڪمپني جو افتتاح ڪيو. هن چي?? ته هزاره موٽروي نواز شريف جي هزاره جي عوام سان محبت جي نشاني آهي، شهباز شريف پنجاب کي ترقي يافته بڻايو، انهي طرز تي خيبرپختونخواهه کي ترقي يافته بڻائڻ چاهيون ٿا، جتي ميٽرو، اسپتال، ليبارٽريز، انفارميشن ٽيڪنالاجي جا مرڪز، يونيورسٽيون ۽ اسڪولز هجن، گذريل 10 سالن دوران خيبرپختونخواهه ۾ پي ٽي آءِ جي حڪومت رهي، اهڙي ڪ?? اسپتال يا اسڪول ته ڇڏيو ان ۾ ڪو ڪمرو ئي ڏيکاري ڇڏيو جيڪو انهن ٺاهيو هجي. هن چي?? ته ايبٽ آباد پريس ڪلب باقي پريس ڪلبن جي لاءِ هڪ مثال آهي، هزاره پريس ڪلب جي صحافين جون سموريون ضرورتون پوريون ڪنداسين، جڏهن اسلام آباد ۾ انهن جي حلف برداري جي تقريب ٿيندي ته انهن کي ليپ ٽاپ ڏنا ويندا، پريس ڪلب ۾ جديد اسٽوڊيو جي لاءِ هر ممڪن تعاون فراهم ڪنداسين ڇو ته پريس ڪلب ۾ اسٽوڊيو وقت جي ضرورت آهي، هزاره پريس ڪلب جي فرنيچر سميت ٻين ضرورتن جو پڻ جائزو وٺنداسين، هزاره پريس ڪلب جي صحافين جي لاءِ اڳ ۾ ئي فنڊ قائم ڪيو ويو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چي?? ته وفاقي حڪومت ۽ عوام کي مشڪل صورتحال درپيش آهي، پي ٽي آءِ جي وفاق ۾ چار سال ۽ خيبرپختونخواهه ۾ 10 سال حڪومت دوران رڳو تباهي ٿي آهي ۽ ان جي ڊگهي داستان آهي. مريم ا??رنگزيب چي?? ته چار سال صحافين سان رستن تي وقت گذاريو، انهن جي مشڪلاتن جو اندازو آهي، صحافين جي سيڪيورٽي ۽ سيفٽي جو بل انساني حقن واري وزارت کي موڪليو ويو هو اهو واپس اطلاعات واري وزارت وٽ گهرايو ته جيئن ان جا قاعدا ۽ ضابطا ٺاه?? عملدرآمد يقيني بڻائي سگهجي، ايندڙ هفتي ان جي ڪ??بينا مان منظوري ورتي ويندي، صحافين جي تحفظ جي لاءِ انهن جي سفارشن ۽ مشاورت سان گڏجي ڪم ڪنداسين، هزاره جي صحافين جي نمائندي ثاقب بشير کي ڪميٽي ۾ شامل ڪنداسين. هن چي?? ته پيمرا ايڪٽ ۾ تبديلي ڪ??ي وئي آهي، پهريون ڀيرو ڪائونسل آف ڪمپلينٽس ۾ پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس کي نمائندگي ڏني وئي آهي ان سان اليڪٽرانڪ ميڊيا جي ڪ??رڪنن جون شڪايتون حل ٿينديون. هن چي?? ته اشتهارن جي رهتن جي ادائيگي جي لاءِ چار مهينن جو وقت ڏنو آهي، جيڪو ادارو پگهار نه ڏيندو ان جا اشتهار بند ڪري ڇڏينداسين، ان حوالي سان ترميم وفاقي ڪ??بينا مان منظور ٿي چڪي آهي ۽ ان کي جلد پارليامينٽ ۾ پيش ڪيو ويندو. بعد ۾ صحافين جي سوالن جا جواب ڏيندي هن چي?? ته ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار آءِ ايم ا??ف سان ڳالهين تي ميڊيا کي تفصيلن کان آگاهه ڪيو آهي، ڳالهه ٻولهه جو عمل مڪمل ٿي ويو آهي، ورچوئل اجلاس سومر کان ٿيندو، طريقيڪار موجب آءِ ايم ا??ف جي ايگزيڪيوٽو بورڊ جو اجلاس ٿيندو جنهن کانپوءِ معاهدي جو باضابطا اعلان ڪيو ويندو. اطلاعات واري وزير چي?? ته اڳوڻي حڪومت مارچ ۾ معاهدي جي ابتڙ سبسڊي ڏني جڏهن ته عمران خان ان معاهدي تي صحيحون ڪيون هيون، 2016ع ۾ محمد نواز شريف آءِ ايم ا??ف سان پروگرام مڪمل ڪيو، ان پروگرام دوران ماني، کنڊ، اٽي، گئس سميت ڪنهن به شيءَ جي قيمت ۾ اضافو نه ٿيو، 5 سالن دوران کنڊ جي قيمت 52 رپيا في ڪلو ۽ اٽي جي قيمت 35 رپيا في ڪلو رهي، هاڻ?? عمران خان جي ٽيم آءِ ايم ا??ف سان ڳالهيون ڪيون، هي مهانگائي انهن جو تحفو آهي، اسان ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته ان جو عوام تي گهٽ کان گهٽ بار پوي ۽ اميد آهي ته معاهدي کانپوءِ ائين ئي ٿيندو. هن چي?? ته جڏهن اسان اقتدار ۾ آياسين ته آءِ ايم ا??ف سان اهو معاهدو معطل هو، ملڪ ڏيوالپڻو ٿيڻ جي ويجهو هو، اسان ان معاهدي کي بحال ڪيو، ملڪ کي ڏيوالپڻو ٿيڻ کان بچايو ۽ هاڻي ڳالهيون ڪاميابي سان مڪمل ڪيون آهن. هن چي?? ته پي ٽي آءِ وارن پاڻ قومي اسيمبلي تان استعيفائون ڏنيون، ان وقت انهن ڌمالُون هنيُون، پارليامينٽ کي گاريون ڏنيون، امپورٽيڊ چي??، اهي پنهنجي گذريل دور ۾ به پارليامينٽ تي لعنت وجهندا رهيا، اهي هر ڳالهه تي يوٽرن وٺن ٿا، انهن پارليامينٽ تان استعيفائن جو اعلان ڪيو، هاڻي پارليامينٽ ڇا ڪرڻ وڃي رهيا آهن، اهو نه ٿو ٿي سگهي ته توهان جي منشا موجب پارليامينٽ هلي، توهان جي مرضي موجب سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ هلن، اليڪشن ڪميشن توهان جي ماتحت ادارو نه آهي، اهو آئين ۽ قانون موجب ڪم ڪري رهيو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چي?? ته وفاقي حڪومت جا صلاحڪار بنا پگهار جي ڪم ڪري رهيا آهن، مسلم ليگ (ن) جو اڳواڻ سردار نويد ڪالهه ڪنوينشن ۽ اڄ اجلاس ۾ موجود هو. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چي?? ته آءِ ايم ا??ف وٽ اتحادي حڪومت نه وئ?? عمران خان ويو هو، آءِ ايم ا??ف پروگرام مڪمل ڪرڻ حڪومت جي ذميواري هوندي آهي، اسان اڳ ۾ به اهو پروگرام مڪمل ڪيو ۽ هاڻي به مڪمل ڪنداسين، ملڪي معيشت کي پاڻڀرائپ طرف وٺي وينداسين.