اسلام آباد – 09 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان غيرملڪي پبلڪ دستاويزن جي قا??وني حيثيت جي جاچ لاءِ ڊگهي ت??دي??ي عمل جي شرط کي ختم ڪرڻ بابت ”اپوسٽيل ڪنوينشن“ جي توثيق ڪري ڇڏي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب پاڪستان حڪومت غيرملڪي سرڪاري دستاويزن جي لاءِ قا??وني حيثيت جي شرط کي ختم ڪرڻ (1961ع جي اپوسٽيل ڪنوينشن) بابت هيگ ڪنوينشن تسليم ڪيو آهي. اهو ڪنوينشن پبلڪ دستاويزن جي ت??دي?? جي عمل کي انتهائي مختصر ڪري ڇڏي ٿو جنهن موجب دستاويز جاري ٿيندڙ ملڪ جي نامزد اٿارٽي پاران هڪ ت??دي??ي سرٽيفڪيٽ جاري ڪيو وڃي ٿو جنهن کي ”اپوسٽيل“ چيو وڃي ٿو. اهڙي طرح اپوسٽيل پاران ت??دي?? ٿيل غيرملڪي پبلڪ دستاويزن کي وڌيڪ ڪنهن ت??دي??ي عمل مان گذرڻ جي شرط کانسواءِ سڌوسنئون لاڳاپيل عملدارن کي پيش ڪري سگهجي ٿو. ڪنوينشن ۾ شامل رياست جي ذميوارين موجب پاڪستان جا لاڳاپيل عملدار هاڻي ڪنوينشن جي ميمبرن/ معاهدو ڪندڙ رياستن پاران جاري ڪيل فارن اپوسٽيل سرٽيفڪيٽس کي لاڳو ٿيڻ جي تاريخ يعني 9 مارچ 2023ع ک??ن پرڏيهي وزارت يا ٻاهرئين ملڪ پاڪستاني مشنز کان ت??دي?? جي شرط کانسواءِ قبول ڪندا. ترجمان موجب ضروري قا??ونسازي ۽ ٻين گهرجن کي مڪمل ڪرڻ کانپوءِ پاڪست??ن پاران ”اپوسٽيل سرٽيفڪيٽس“ جاري ڪرڻ جو عمل به ڪجهه مهينن ۾ شروع ٿي ويندو. پرڏيهي وزارت ڪئمپس آفيسز ۽ ٻاهرئين ملڪ پاڪستاني مشنز تي معمول جي ت??دي?? جون خدمتون معمول موجب جاري رهنديون.