اسلام آباد – 10 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي آفيس واضح ڪيو آهي ته افغانستان بابت پرڏيهي وزارت ۾ هڪ مڪمل ڊويزن ??ائ?? آهي جنهن جي سربراهي افغانستان ۽ اولهه ايشيا بابت ايڊيشنل سيڪريٽري سيد احسن رضا شاهه ڪري رهيو آهي. پرڏيهي آفيس گذريل ڏينهن جي پريس بريفنگ جي حوالي سان چيو آهي ته افغانستان بابت ايڊيشنل سيڪريٽري جي سربراهي ۾ ??ائ?? ڊويزن پنهنجون ذميواري??ن پوري محنت ۽ جذبي سان ادا ڪري رهي آهي ۽ اها اڳتي به پنهنجون ذميواريون نڀ??ئيندو رهندي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران بريفنگ دوران سوال ڪيو ويو هو ته گذريل هفتي وزيراعظم جي خاص معاون محمد صادق جي عهدي تان مستعيفي ٿيڻ کانپوءِ ان جي غيرموجودگي ۾ افغانستان جي معاملن کي پاڪستان ۾ اعليٰ سطح تي ڪير ڏسي رهيو آهي.