ڪراچي – 03 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ??ٽو زرداري پاڪستان جي پهرين چونڊيل وزيراعظم ش??يد ذوالفقار علي ??ٽو جي عدالتي قتل کي ملڪ جي نظام عدم ۽ انصاف تي ڪارو ڌٻو قرار ڏيندي چيو آهي ته ??ٽو خاندان جي هاڻي ٽئين نسل اعليٰ عدليه کان انصاف جي منتظر آهي. بلاول هائوس ميڊيا سيل ??ار??ن جاري ڪيل بيان موجب بلاول ??ٽو زرداري پارٽي جي باني چيئرمين ش??يد ذوالفقار علي ??ٽو جي 44 هين شهادت جي ڏهاڙي تي جاري ڪيل پنهنجي پيغام ۾ چيو ته ملڪ کي متفقه آئين ڏيندڙ وزيراعظم جي عدالتي قتل جي حوالي سان صدارتي ريفرنس گذريل 12 سالن کان سپريم ڪورٽ ۾ التوا هيٺ آهي ۽ انهن 4382 ڏينهن دوران اسان جي نظام عدل ۽ انصاف وٽ ??ٽو جي فرياد ٻڌڻ جي لاءِ هڪ منٽ به ميسر نه آهي. هن چيو ته ٻڌايو وڃي ته انصاف حاصل ڪرڻ جي لاءِ ??ٽو خاندان جي وڌيڪ ڪيترين نسلن کي انتظار ڪرڻو پوندو؟ چيئرمين بلاول ??ٽو زرداري چيو ته تاريخ ??ٽو جي ب??گناهي جي حق ۾ ايترا ثبوت پيش ڪري ڇڏيا آهن جو ان جي بدترين دشمن کي ب?? هاڻي اهو چوڻو پوي ٿو ته قائد عوام سان ظلم ٿيو. اعليٰ عدليه کي اپيل ڪريان ٿو ته 2 اپريل 2011ع تي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ??ار??ن آرٽيڪل 186 تحت موڪليل صدارتي ريفرنس کي جلد ٻڌڻي جي لاءِ مقرر ڪيو وڃي. پيپلزپارٽي چيئرمين قائد عوام کي شاندار لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته ش??يد ذوالفقار علي ??ٽو جي مدبر قيادت ۾ پاڪستان سياسي، سفارتي، معاشي، دفاعي ۽ معاشرتي لحاظ کان ڪيترائي سنگ ميل عبور ڪيا. عوام ۾ سياسي شع??ر، ملڪ جو پهريون متفقه آئين، زرعي ۽ معاشي سڌارا، ائٽمي پروگرام جي شروعات، پاڪ چين دوستي جو بنياد ۽ پاڪستان کي اسلامي دنيا جو سفارتي طور تي گادي وارو شهر بڻائڻ ش??يد ??ٽو جي ڪارنامن جا ڪجهه مثال آهن. بلاول ??ٽو زرداري چيو ته ش??يد ذوالفقار علي ??ٽو جي شهادت جو ڏهاڙو وچن ورجائڻ جو ڏينهن آهي ته پاڪستان پيپلزپارٽي جمهوريت، 1973ع جي آئين، پارلياماني بالادستي، مزدورن، آبادگارن، اقليتن ۽ عورتن جي حقن ۽ معاشري ۾ ڀائيچاري ۽ برابري تان ڪنهن به قيمت تي دستبردار نه ٿيندي.