اسلام آباد – 15 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چي?? آهي ته پاڪستان محفوظ هٿن ۾ آهي، اسان کي ورثي ۾ تباهه ٿيل معيشت ۽ ڊيفالٽ ٿيندڙ ملڪ مليو، جنهن کي اسان بچايو، عمران خ??ن چئن سالن ۾ ملڪي ساک داءُ تي لڳائي، ملڪي تاريخ جا سڀ کان وڌيڪ قرض ورتا، آءِ ايم ايف جو پروگرام صحيح ڪري ان جي خلاف ورزي ڪئي، عمران خ??ن جي گرفتاري سان حڪومت جو ڪو تعلق نه آهي، قومي احتساب بيورو القادر ٽرسٽ ڪرپشن ڪيس ۾ عمران خ??ن کي گرفتار ڪيو، پاڪستان جي تاريخ ۾ڪڏهن ائين ناهي ٿيو ته جسماني ريمانڊ تي موجود جوابدار کي ايڏو وڏو ريليف مليو هجي، عمران خ??ن کان پڇاڳاڇا يا جاچ ڪئي وڃي ته تشدد تي لهي پوي ٿو. اهڙ?? خيالن جو اظهار هن عالمي نشرياتي اداري ”الجزيره“ کي پنهنجي خصوصي انٽرويو ۾ ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چي?? ته عمران خ??ن کي گرفتار ڪري اسان ڪو هدف حاصل نه ٿا ڪرڻ چاهيون، اسان کي ڪو هدف حاصل نه ڪرڻو هو، ان جي گرفتاري سان حڪومت جوڪو تعلق نه آهي، عمران خ??ن کي قومي احتساب بيورو القادر ٽرسٽ ڪرپشن ڪيس ۾ گرفتار ڪيو، نيب ??ن ڪيس جي جاچ ڪري رهيو آهي ۽ نيب ??مران خ??ن کي ڪيترائي نوٽيسز جاري ڪيا پر عمران خ??ن نيب ??ي ڪنهن به نوٽيس جو جواب نه ڏنو. هن چي?? ته عمران خ??ن جي گرفتاري کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو هو جنهن تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عمران خ??ن جي گرفتاري کي قانوني قرار ڏنو هو. هڪ سوال تي اطلاعات واري وفاقي وزير چي?? ته اهڙا ڪيترائي مثال موجود آهن ته عمران خ??ن اقتدار ۾ هو ۽ اپوزيشن ان کان سوال پڇندي هئي ته هو انهن کي ڊيٿ سيل ۾ موڪلي ڇڏيندو هو. ميڊيا سوال پڇندي هئي ته ميڊيا جي ماڻهن کي جيل ۾ وڌو ويندو هو، آر ايس ايف جي رپورٽ ۾ عمران خ??ن کي ميڊيا پريڊيٽر چي?? ويو. هن چي?? ته عمران خ??ن ملڪ جي چي?? ايگزيڪيوٽو جي اعليٰ ترين عهدي تي فائز رهي چڪو هو، جڏهن هو مخالف ڌر ۾ آيو ته ان کان مختلف ڪرپشن ڪيسز بابت پڇاڳاڇا ڪئي ته هن تشدد جو رستو اختيار ڪيو. هن چي?? ته ايف آءِ اي ۽ نيب ۾ مختلف ڪيسز جي جاچ جاري آهي جنهن جو عمران خ??ن کي جواب ڏيڻو آهي ۽ عمران خ??ن جواب ڏيڻ جي لاءِ تيار نه آهي، اهو سلسلو گذريل 14 مهينن کان جاري آهي. هن چي?? ته عدالت عمران خ??ن جا وارنٽ جاري ڪيا ته پوليس عدالتي وارنٽ کي مڪمل ڪرڻ جي لاءِ زمان پارڪ وئي ان وقت به عمران خ??ن تشدد جو رستو اختيار ڪيو ۽ پنهنجي تحفظ جي لاءِ عورتن ۽ ٻارن کي انساني ڍال طو?? استعمال ڪيو. هن چي?? ته پوليس تي اتي پيٽرول بمن سان حملا ڪيا ويا، ان کانسواءِ عمران خ??ن 25 مئي جي لانگ مارچ جي موقعي تي به پنهنجي ڪارڪنن کي ائين ئي تشدد تي اتساهيو هو، پليون ٽوڙيون، رياستي ۽ عوامي ملڪيتن ۽ ميٽرو اسٽيشنن تي حملا ڪيا، جوڊيشل ڪمپليڪس ۾ ڀڃ ڊاهه ڪئي، جوڊيشل ڪمپليڪس جو به دروازو دريءَ نه بچي هئي، انهن وٽ ڪلاشنڪوف ۽ پيٽرول بم هئا، عمران خ??ن پاران اهڙي ڪڌي راند تسلسل سان جاري آهي، جڏهن به کانئس پڇاڳاڇا يا جاچ ڪئي وڃي ٿي ته هو تشدد تي لهي اچي ٿو ۽ پنهنجي ماڻهن کي تشدد تي اتساهيندو آهي. وفاقي وزير چي?? ته نيب ??ڏهن عدالت جي اڱڻ مان عمران خ??ن کي گرفتار ڪيو ته ٽي ڏينهن ملڪ جي اندر جيڪو ڪجهه ٿيو اهو سڀني جي سامهون آهي. هن چي?? ته عمران خ??ن جي گرفتاري تي ڪو به سياسي ردعمل نه آيو ڇو ته سياسي ردعمل ۾ وڏي انگ ۾ ماڻهو ٻاهر نڪتا آهن پر سڀني ڏٺو ته مختلف جاين تي ماڻهن کي گڏ ڪري تشدد تي اتساهيو ويو ۽ پوءِ پي ٽي آءِ جي قيادت ان عمل جي نگراني به ڪندي رهي ته ڪيترا ماڻهو لاهور ۾ جناح هائوس، ڪور ڪمانڊر هائوس ۽ ميٽرو جي پلين تي پهتا آهن. هن چي?? ته حڪومت کي پنهنجي شهرين کي تحفظ ڏيڻو آهي، مريض کي بچائڻو آهي، پي ٽي آءِ جي هٿياربند جٿن ايمبولينسن مان مريضن کي ٻاهر ڪڍي ايمبولينسن کي باهه هنئي، اسڪولن تي حملا ڪيا، اسپتالون ساڙيون، چوپائي مال منڊين کي ساڙيو، اهي رڪجڻ جو نالو نه وٺي رهيا هئا پر ان سڄي صورتحال ۾ حڪومت وڏي دانشمندي ۽ صبر تحمل جو مظاهرو ڪيو. هن چي?? ته عمران خ??ن ڪرپشن جي ڪيس ۾ جواب نه ڏنا هئا. هو جسماني ريمانڊ تي هو پر ان سڀ جي باوجود هو 48 ڪلاڪن ۾ جيل کان ٻاهر اچي ويو، ملڪ جي تاريخ ۾ اڄ تائين ائين نه ٿيو هو. هڪ سوال تي هن چي?? ته حڪومت سڄي صورتحال ۾ سمجهداري سان ڪم ورتو، اسان کي خبر هئي ته هڪ شخص ماڻهن کي تشدد تي اتساهي رهيو آهي، ان جو مائنڊ سيٽ ئي اهڙو آهي. هن چي?? ته رياست رڳو حڪومت نه آهي اها ايگزيڪيوٽو، عدليه ۽ پارليامينٽ آهي ۽ رياست جي رٽ قائم ڪرڻ انهن ٽنهي ٿنڀن جي ذميواري آهي. عمران خ??ن جي خلاف ڪيسن جي حوالي سان سوال جو جواب ڏيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چي?? ته 100 ڪيس عمران خ??ن جي ڪوڙي ڀاشن آهي، ان جو سدائين اهو ئي بيانيو رهيو آهي. عمران خ??ن جي خلاف منع ٿيل فنڊنگ، توشه خانه، القادر ٽرسٽ ڪرپشن ۽ ٽيريان جا ڪيسز آهن، عمران خ??ن انهن ڪيسن ۾ جواب ڏيڻ لاءِ تيار نه آهي. هن چي?? ته عمران خ??ن اهو تاثر قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ته حڪومت ان جي خلاف آهي ۽ انهن کي ڪنهن سياسي انتقام جو نشانو بڻائي رهي آهي، جيڪڏهن سان کي ائين ڪرڻو هو ته اسان 14 مهينن تائين انتظار نه ڪريون ها، سائفر جي معاملي تي جنهن کل جوڳي انداز ۾ عمران خ??ن اڳتي وڌي رهيو هو، جيڪڏهن اسان چاهيون ها ته هو جيل جي اندر هجي ها، اسان وٽ حڪومت جي طاقت به هئي ۽ اختيار به هو، اسان ان کي گرفتار ڪري سگهياسين پئي پ?? اسان سياسي انتقام تي يقين نه ٿا رکون، ان جي ابتڙ عمران خ??ن پنهنجي دور ۾ ڪرپشن جي خلاف اختيارن جو ناجائز استعمال ڪيو. ملڪ ۾ چونڊن جي حوالي سان سوال تي اطلاعات واري وفاقي وزير چي?? ته عمران خ??ن جي چوڻ تي خيبرپختونخواهه ۽ پنجاب جون اسيمبليون تحليل ڪيون ويون پوءِ پرويز الاهي جيڪو ان جو وڏو وزير هو، ميڊيا تي واضح لفظن ۾ چي?? ته هو ڪڏهن به پنجاب اسيمبلي تحليل نه پيو ڪرڻ چاهي. هن چي?? ته عمران خ??ن ان وقت اقتدار کان ٻاهر هو، ائين نه ٿو ٿي سگهي ته چونڊون عمران خ??ن جي وقت تي ٿين. هن چي?? ته چونڊن جي حوالي سان آئين ۽ قانون موجود آهي، چونڊون ان وقت ٿينديون جڏهن اسان پنهنجو آئيني مدو پورو ڪري وٺنداسين. هڪ ٻئي سوال تي هن چي?? ته عمران خ??ن جي چار سال دور ۾ اسان تي جعلي ۽ بي بنياد ڪيسز ٺاهيا ويا، هڪ سال کان وڌيڪ عرصي تائين اسان جا ڪيس نه ٻڌا ويندا هئا، پر ان جي ابتڙ عمران خ??ن پنهنجي ڪنهن به ڪيس ۾ عدالت نه ويو، جڏهن هو گرفتار ٿيو ته جسماني ريمانڊ تي هو ۽ هن جون سڀني ڪيسن ۾ ضمانتون نه ٿيون، دنيا ۾ ڪٿي به ائين نه ٿو ٿئي. معاشي صورتحال جي حوالي سان اطلاعات واري وفاقي وزير چي?? ته عمران خ??ن جي چئن سالن ۾ معيشت سان جيڪو کلواڙ ٿيو ان جو مثال نه ٿو ملي. جڏهن 2018ع ۾ اسان حڪومت ۾ هئاسين ته ان وقت جي ڊي پي 6 سيڪڙو جي شرح سان ترقي ڪري رهي هئي، ملڪ ۾ تاريخ جي سڀ کان گهٽ ترين مهانگائي 2.6 سيڪڙو هئي، آءِ ايم ايف جو پروگرام 2015ع ۾ مڪمل ڪري ورتو هو. سي پيڪ هلي رهيو هو، روزگار هو، ترقي ٿي رهي هئي، اسڪول تعمير ٿي رهيا هئا، يونيورسٽيون ٺهي رهيون هيون، پرڏيهي پاليسي زبردست هئي، سي پيڪ عروج تي هو، پاڙيسري ملڪ ۽ علائقائي ملڪن سان ڪيترائي منصوبا هلي رهيا هئا ۽ جڏهن عمران خ??ن جو دور شروع ٿيو ته عمران خ??ن چئن سالن ۾ معيشت جو ٻيڙو غرق ڪيو، هن تاريخ جو سڀ کان وڏو قرض ورتو. هن چي?? ته عمران خ??ن سان اسان کي ورثي ۾ تاريخ جي بلند ترين مهانگائي ملي، اسان کي ڊيفالٽ ٿيندڙ ملڪ مليو، جنهن کي اسان بچايو. عمران خ??ن آءِ ايم ايف سان معاهدن تي صحيحون ڪيون ۽ پوءِ ان جي خلاف ورزي ڪئي، جڏهن اسان اقتدار ۾ آياسين ته آءِ ايم ايف جو پروگرام معطل هو، ان تي اسان ٻيهر ڳالهه ٻولهه جي شروعات ڪئي، عمران خ??ن ملڪ جي ساک داءُ تي لڳائي ڇڏي هئي، اسان کي عمران خ??ن جي معاشي تباهي ورثي ۾ ملي.