اسلام آباد – 01 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي شاليمار رڪارڊنگ ??ينڊ براڊ ڪاسٽنگ ڪمپني کي سيڪيورٽي ڪمپني جي 10.32 ملين رپين جون رهتون اد?? ڪرڻ جي هدايت ڪندي وفاقي محتسب جي فيصلي جي خلاف شاليمار رڪارڊنگ ڪمپني جي اپيل رد ڪري ڇڏي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب شاليمار رڪارڊنگ ??يڪيورٽي خدمتن جي عيوض هڪ ڪمپني کي 10.32 ملين رپين جون رهتون اد?? ڪرڻيون هيون، شاليمار رڪارڊنگ مالي بحران جي ڪري رقم اد?? ڪرڻ کان معذوري ظاهر ڪئي هئي. صدر چيو ??ه اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جو سيڪريٽري سال جي اندر ماهوار قسطن ۾ رهتن جي ادائيگي کي يقيني بڻائي، جيڪڏهن ضروري هجي ته اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جو سيڪريٽري 6 مهينن جي اندر مجاز فورم کان منظوري وٺي. وفاقي محتسب ڪمپني کي خدمتن جي مد ۾ 10320800 رپيا اد?? ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي، شاليمار رڪارڊنگ ڪمپني مالي مسئلن جي ڪري قسطن ۾ به رقم اد?? ڪرڻ کان عاجزي جو اظهار ڪيو ??نهن تي سيڪيورٽي ڪمپني وفاقي محتسب سان رجوع ڪيو، جنهن ان جي حق ۾ حڪم جاري ڪيو. فيصلي کانپوءِ شاليمار رڪارڊنگ ??در وٽ اپيل داخل ڪئي جنهن کي رد ڪيو و??و. ??در چيو ??ه شاليمار ڪمپني عجيب موقف اختيار ڪيو ??ه اها ”ايجنسي“ جي زمري ۾ نه ٿي اچي. صدر چيو ??ه وزارت، ڊويزن يا ڪا قانوني ڪارپوريشن يا حڪومت جي انتظام هيٺ يا قائم ڪيل ادارو ايجنسي جي تعريف ۾ اچي ٿو، شاليمار براڊ ڪاسٽنگ هڪ پبلڪ سيڪٽر ڪمپني آهي جيڪا ڪمپنيز ايڪٽ 2017ع تحت قائم ٿي. صدر چيو ??ه شاليمار ڪمپني رولز آف بزنس تحت انتظامي طور تي اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي ذريعي ڪنٽرول ڪئي وڃي ٿي. هن چيو ??ه ڪمپني پنهنجون ذميواريون اد?? ڪرڻ ۾ ناڪام رهي جنهن جو هن اعتراف ڪيو، ڪمپني رقم اد?? ڪرڻ کان انڪار ڪيو ??يڪو بدانتظامي جي برابر آهي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ??ه وفاقي محتسب جو فيصلو معقول ۽ منطقي آهي، شاليمار ڪمپني پنهنجي موقف جي حمايت ۾ ڪجهه به پيش نه ڪري سگهي آهي. صدر چيو ??ه بدانتظامي ثابت ٿي تنهن ڪري شاليمار رڪارڊنگ ??ينڊ براڊ ڪاسٽنگ ڪمپني محتسب جي حڪم موجب رهتون اد?? ڪري.