اسلام آباد – 05 – جون (اي پي پي) پر??يهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر اڄ 5 جون کان 13 جون تائين ناروي، سوئيڊن، ڊينمارڪ ۽ بيلجيئم جو سرڪاري دورو ڪندي. پر??يهي آفيس موجب پر??يهي معاملن واري مملڪتي وزير انهن ملڪن جي دوري دوران ترقي، واپار ۽ موسمياتي تبديلي جي چئلينجز ۽ مسئلي بابت تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ جي لاءِ وزارتي سطح تي اجلاسن ۾ شرڪ?? کانسواءِ قانونسازن ۽ مقامي واپارين سان پڻ ملاقات ڪندي. حنا رباني کر بيلجيئم ۾ يورپي پارليامينٽ جي ميمبرن ۽ يورپي ڪميشن جي سينيئر عملدارن سان ملاقاتون ڪندي. سوئيڊن ۾ مملڪتي وزير پر??يهي لاڳاپن بابت يورپي ڪائونسل جي سالياني اجلاس ۾ اهم مقرر طور شرڪت ڪندي. هوءَ علائقائي ۽ عالمي اهميت جي مسئلن تي پاڪستان جو موقف پيش ڪندي ۽ پر??يهي پاليسي جي ترجيحن ۽ چئلينجز تي بحث جي لاءِ يورپ جي اهم فيصلاسازن، ماهرن، ٿ??ڪ ٽينڪس ۽ اثررسوخ رکندڙ شخصيتن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي.