اسلام آباد – 06 –جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف تورغر – بونير رستي، بونير – ڪراڪڙ رابطا سرنگهه ۽ تورغر – بونير آر – سي – سي پل جي پيڙهه جو پٿر رکيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف خيبرپخت??نخ??اهه جي ضلعي تورغر جو دورو ڪي??. وزيراعظم ??ي ضلعي تورغر ۾ مختلف ترقياتي منصوبن ??ابت بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم تورغر – بونير رستي، بونير – ڪراڪڙ رابطا سرنگهه ۽ تورغر – بونير آر – سي – سي پل جي پيڙهه جو پٿر رکيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف سان گڏ ان موقعي تي مقامي قبائلي اڳواڻن ۽ صلاحڪارن ملاقات ڪئي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، وزيراعظم جو ص??احڪار انجنيئر امير مقام ۽ ڪي??ٽن (ر) صفدر پڻ ان موقعي تي موجود هئا. اڳواڻن سان ڳالهائيندي وزيراعظم ??يو ته ضلعي تورغر ۾ روڊ، پلين ۽ ٻين منصوبن ??ي پيڙهه جو پٿر رکڻ سان ضلعي تورغر ۾ ترقي جو نئون دور شروع ٿيندو. هن چيو ته اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز شريف پنهنجي دور ۾ هتي تاريخي منصوبا شروع ڪيا. گذريل حڪومت انهن منصوبن کي سردخاني ۾ وجهي ڇڏيو. نواز شريف جي منصوبن کي اڳتي وڌايو ويندو. بجيٽ ۾ انهن منصوبن ??ي لاءِ رقم رکي وئي آهي. وفاقي حڪومت منصوبن کي مڪمل ڪرڻ جي لاءِ منصوبي جي معاونت ڪندي. وزيراعظم ??ي بونير ۾ به مختلف ترقياتي منصوبن ??ابت بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف هدايت ڪئي ته بونير ۽ تورغر جي ترقياتي منصوبن ??ي ڪم جي رفتار تيز ڪئي وڃي ۽ انهن کي ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪي?? وڃي. انهن منصوبن ??ي ڏينهن رات ڪم ڪي?? وڃي ۽ معيار ۽ شفافيت تي ڪو به ٺاهه نه ڪي?? وڃي.