اسلام آباد – 07 –جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير م??يم اورنگزيب چيو آهي ته سڄي ملڪ جي پريس ڪلبن کي جديد گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻ جي لاءِ اطلاعات واري وزارت پنهنجو اهم ڪر??ار ادا ڪندي رهندي. اها ڳالهه هن ايبٽ آباد پريس ڪلب جي صدر راجا هارون ۽ جنرل سيڪريٽري راجا منير جي قيادت ۾ صحافين جي وفد سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪئي. ان موقعي تي پارليامان?? معاملن وارو وفاقي وزير م??تضيٰ جاويد عباسي به موجود هو. وفد اطلاعات واري وفاقي وزير کي درپيش مشڪلاتن بابت آگاهه ڪيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چي?? ته حڪومت صحافت جي آزادي تي پڪو يقين رکي ٿي. هن چي?? ته ايبٽ آباد پريس ڪلب جو ڳاڻيٽو ملڪ جي اهم ۽ ذميوار پريس ڪلبن ۾ ٿئي ٿو. اطلاعات واري وفاقي وزير ايبٽ آباد پريس ڪلب ۾ فوري طور تي ڪمپيوٽر ليب ۽ اسٽوڊيو قائم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن چي?? ته ايبٽ آباد پريس ڪلب جي اعلان ڪيل گرانٽ پڻ فراهم ڪئي وڃي. هن چي?? ته صحافين جي مسئلن کي حل ڪرڻ اسان جي اولين ترجيح آهي. ان موقعي تي پارليامان?? معاملن واري وفاقي وزير م??تضيٰ جاويد عباسي ايبٽ آباد پريس ڪلب جي لاءِ ڪمپيوٽر ليب، اسٽوڊيو قائم ڪرڻ ۽ گرانٽ جي فراهمي جي اعلان تي اطلاعات واري وفاقي وزير جا ٿورا مڃيندي چي?? ته ايبٽ آباد جي صحافي برادري محدود وسيلن جي باوجود پنهنجي پيشيواراڻيون خدمتون سرانجام ڏئي رهي آهي. صحافين جي وفد اطلاعات واري وفاقي وزير م??يم اورنگزيب ۽ پارليامان?? معاملن واري وفاقي وزير م??تضيٰ جاويد عباسي جا ٿورا مڃيا.