اسلام آباد – 12 – جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ب??نڪ الفلاح لميٽيڊ پاران بئنڪنگ محتسب جي فيصلي جي خلاف داخل اپيل کي رد ڪندي هدايت ڪئي آهي ته ب??نڪ بنا اجازت آن لا??ين ادائيگي جو نظام فعال ڪرڻ ۽ صارف ج?? وقت سر شڪايت کي نظرانداز ڪرڻ تي معافي وٺي. ايوان صدر جي پريس ون?? پاران جاري بيان موجب صدر چيو ته صارفين کي ان??رنيٽ بئنڪنگ جي فائدن ۽ نقصانن بابت آگاهه ڪرڻ ب??نڪ جي ذميواري آهي، ب??نڪ الفلاح 66850 رپين جي وڃايل رقم منافعي سان گڏ صارف کي واپس ڪري. تفصيل موجب محمد يار (شڪايت ڪندڙ) بئنڪنگ محتسب کي شڪايت داخل ڪرائي ته ان جي ڪريڊٽ ڪارڊ تي 66850 رپين جو گهپلو ٿيو، صارف ب??نڪ کي آگاهه ڪيو ته هن آن لا??ين خريداري ناهي ڪئي تنهن ڪري آن لا??ين ادائيگي کي روڪيو وڃي، ب??نڪ شروعاتي طور تي رقم واپس ڪئي پر ڇهن مهينن کانپوءِ ب??نڪ رقم ڪريڊٽ ڪارڊ مان ڪاٽي ورتي جنهن تي صارف بئنڪنگ محتسب کي شڪايت ڪئي جنهن رقم واپس ڪرڻ جي هدايت ڪئي جڏهن ته ب??نڪ محتسب جي فيصلي جي خلاف صدر کي اپيل داخل ڪئي. صدر ڪيس جي ذاتي ٻڌڻي ڪئي ۽ ب??نڪ الفلاح جي اپيل کي رد ڪري ڇڏيو. صدر پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته شڪايت ڪندڙ ان??رنيٽ/ ڊيجيٽل بئنڪنگ کان واقف نه آهي، صارف کي ب??نڪ پاران ڪال موصول ٿيڻ تي ڏيتي ليتي جي ڄاڻ ٿي، غيرمجاز/ جعلي ڏيتي ليتي جي فوري اطلاع ڪري صارف ج?? مفاد جو تحفظ ڪرڻ ب??نڪ جو فرض آهي. صدر چيو ته صارف ج?? مفاد جو تحفظ ڪرڻ بدران ب??نڪ باقاعده شڪايت جو انتظار ڪيو، ب??نڪ ايس ايم ايس يا ميل جي صورت ۾ گهربل معلومات جمع ڪرائڻ ۾ پڻ ناڪام رهي. ڊاڪٽر عارف عليو چيو ته اهم ثبوت جي معلومات/ دستاويز جمع نه ڪرائڻ عڪاسي ڪري ٿو ته يا ته ب??نڪ وٽ رڪارڊ نه آهي يا پوءِ پاس ورڊ ناهي موڪليو ويو، ب??نڪ الفلاح اسٽيٽ ب??نڪ جي مختلف ضابطن/ هدايتن جي عدم تعميل ڪندي ڏٺي وئي. صدر چيو ته اسٽيٽ ب??نڪ جي هدايتن موجب صارف ج?? رضامندي حاصل ڪرڻ ب??نڪ جي ذميواري آهي، سادي زبان ۾ اليڪٽرانڪ فنڊز منتقلي جي سهولت بابت صارف کي مطلع ڪرڻ به ب??نڪ جو فرض آهي. هن چيو ته ب??نڪ ثابت نه ڪري سگهي ته ان??رنيٽ بئنڪنگ جي سهولت صارف ج?? رضامندي سان فعال ڪئي وئي. صدر چيو ته ب??نڪ الفلاح جي اپيل ميرٽ کان عاري آهي ان لا??ِ رد ڪئي وڃي ٿي. هن هدايت ڪئي ته ب??نڪ صارف کان معافي وٺي ۽ منافعي سان گڏ وڃايل رقم واپس ڪري.