اسلام آباد – 05 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چي?? آهي ته نگران حڪومت آئين جي مڪمل پاسداري ڪندي، اسان وٽ لامحدود اختيار نه آهن، پنهنجي اختيارن کان تجاوز نه ڪرڻ چاهينداسين، پنهنجي ڪردار اسان کي ثابت ڪرڻو آهي ته اسان جو ڪو به فيورٽ نه آهي، سمورين پارٽين کي برابر موقعا ڏيڻ ۽ ان کي يقيني بڻائڻ ال??ڪشن ڪميشن جو ڪم آهي، جيڪڏهن ڪنهن سياسي پارٽي کي لڳي ٿو ته ان سان امتيازي سلوڪ ٿي ره??و آهي ته هو ال??ڪشن ڪميشن يا عدالت وٽ وڃي. نجي ٽي وي چي??ل سان ڳالهائيندي اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چي?? ته پرويز الاهي کي هڪ ايف آءِ آر تحت گرفتار ڪيو ويو آهي، ان جي گرفتاري جي حوالي سان پوليس وٽ اختيار هو ته ان کي گرفتار ڪري. هن چي?? ته ڪو به سياستدان ڪنهن ڪيس ۾ گرفتار ٿئي اهو سياسي قيدي ناهي هوندو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چي?? ته پرامن احتجاج جو حق ۽ اظهار راءِ جي آزادي هر ڪنهن کي حاصل آهي، پرامن احتجاج عوام جو حق آهي پر پرتشدد احتجاج ۽ رستا بند ڪرڻ جي گنجائش آئين ۾ نه آهي. چونڊن جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ مرتضيٰ سولنگي چي?? ته اسان ال??ڪشن ڪميشن جا ٻانهن ٻيلي آهيون، آزاداڻيون، منصفاڻيون، شفاف چونڊون منعقد ڪرائڻ جي جيڪا تاريخ ال??ڪشن ڪميشن ڏيندي ان تي چونڊن کي يقيني بڻائڻ ۾ هر ممڪن تعاون ڪنداسين. هڪ ٻئي سوال تي هن چي?? ته سمورين رجسٽرڊ سياسي پارٽين سان هڪ جهڙو سلوڪ ٿيندو. هن چي?? ته حڪومت جي پاليسين جي وضاحت ضروري هوندي آهي، ڪ??اچ?? اقتصادي حب آهي، واپاري برادري سان ملاقاتن جي شروعات نگران وزيراعظم انوارالحق ڪئي آهي.