اسلام آباد – 11 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران و??يراعظم انوارالحق ڪاڪڙ پاڪستان ۽ ترڪمانستان جي وچ ۾ واپار، توانائي، اقتصادي ۽ عوام جي سطح تي رابطن ۾ تعاون تي ڌيان ڏيڻ جي ضرور کي اجاگر ڪندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ بهترين ڀائراڻا لاڳاپا آهن ۽ اميد آهي ته اهي لاڳاپا مستقبل ۾ وڌيڪ وڌندا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان مو??ب نگران و??يراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان ترڪمانستان جي سفير عطا جان مولاموف ملاقات ڪئي. سفير ترڪمانستان ??ي قيادت پاران نگران و??يراعظم جو عهدو سنڀالڻ تي کيس مبارڪباد ڏني. نگران و??يراعظم پاران نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ويو. ملاقات دوران نگران و??يراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان ۽ ترڪمانستان جي وچ ۾ بهترين ڀائراڻا لاڳاپا آهن ۽ اميد ظاهر ڪئي ته اهي لاڳاپا وڌيڪ وڌندا. هن خاص طور تي واپار، توانائي، اقتصادي ۽ عوام جي سطح تي رابطن تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت کي اجاگر ڪيو. هن توانائي ۽ بجلي جي منصوبن کي جلد مڪمل ڪرڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. ترڪمانستان جي سفير انهن مخصوص قدمن سان گڏوگڏ ٻطرفن لاڳاپن جي مجم??عي دائري ۽ سگهه کي وڌائڻ جي لاءِ تعاون جي خواهش جو ورجاءُ ڪيو.