نيويارڪ – 19 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگ??ان وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پائيدار ترقياتي ??دفن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ 5 اهم شعبن خوراڪ جي پيداوار، بنيادي ڍانچي ۾ سيڙپڪاري، صنعتڪاري، صحت جي سارسنڀال جي لچڪدار نظام ۽ ڊيجيٽل ورڇ کي ختم ڪرڻ جي حوالي سان قدم اڻٽر آهن، ايس ڊي جيز تي اڳڀرائي کي ڪوويڊ، تڪرارن ۽ موسمياتي تبديلي جي ڪيترن بحرانن جي ڪري تمام وڏا ڌچڪا لڳا آهن، چين جو بيلٽ اينڊ روڊ انيشيٽو ۽ چين پاڪستان اقتصادي لنگهه پائيدار ترقياتي ??دفن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ اهم ذريعو آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگ??ان وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ گلوبل ڊيولپمينٽ انيشي ايٽو (جي ڊي آئي) تعاون جي نتيجن تي اعليٰ سطحي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. جي ڊي آئي جي تجويز چيني صدر شي جن پنگ 20 سيپٽمبر 2022ع تي ڏني هئي. اجلاس ۾ ڳالهائيند?? نگران وزيراعظم ان ڳالهه تي روشني وڌي ته پائيدار ترقياتي ??دف (ايس ڊي جيز) جي حاصل ڪرڻ طرف اڳڀرائي کي ڪوويڊ، تڪرارن ۽ موسمياتي تبديلي جي ڪيترن ئي بحرانن جي ڪري شديد ڌچڪا لڳا آهن. هن جي ڊي آئي جي لاءِ پاڪستان جي حمايت جو اظهار ڪيو ۽ ان کي لاڳو ڪرڻ سان حاصل ٿيندڙ سنگ ميل کي ساراهيو. نگ??ان وزيراعظم زور ڏنو ته چين جو بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو ۽ پاڪستان چين اقتصادي لنگهه ايس ڊي جيز حاصل ڪرڻ جي لاءِ اهم ذريعو آهن. هن 5 اهم شعبن ۾ قدمن جي ضرورت تي روشني وڌي. انهن شعبن ۾ خوراڪ جي پيداوار، بنيادي ڍانچي ۾ سيڙپڪاري، صنعتڪاري، صحت جي سارسنڀال جي لچڪدار نظام ۽ ڊيجيٽل ورڇ کي ختم ڪرڻ شامل آهن. نگ??ان وزيراعظم ترقياتي عمل جي سڀني سطحن تي ??ناسب سيڙپڪاري جي ضرورت کي وڌيڪ اجاگر ڪيو ۽ صدر شي جن پنگ طرفان جي ڊي آئي لاڳو ڪرڻ جي لاءِ 10 ارب ڊالر جو هڪ ٻيو فنڊ قائم ڪرڻ جي اعلان جي آجيان ڪئي. نگ??ان وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ چين گروپ آف فرينڊز آف جي ڊي آئي جي ٻين ميمبرن سان گڏجي پنهنجي تعاون کي وڌائڻ جو منتظر آهي ته جيئن ايس ڊي جيز تي عملدرآمد جي لاءِ ان جي اجتماعي خواهش کي پورو ??ري سگهجي. تقريب ۾ چين جي نائب صدر هان زينگ، گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي صدر ڊينس فرانسس ۽ ٻين اعليٰ عهديدارن خطاب ڪيو. ان موقعي تي جي ڊي آئي تعاون تي ??ڪ وڊيو بريفنگ ۽ پريزنٽيشن پڻ پيش ڪئي وئي.