اسلام آباد – 09 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگرا?? وزيراعظم انوارالحق ڪاڪ?? چيو آهي ته حج جهڙي اهم مذهبي فرض سرانجام ڏيڻ کي حاجين جي لاءِ آسان ۽ سستو بڻائڻ جي لاءِ ڀرپور قدم کنيا وڃن، حاجين جي لاءِ ڪيل انتظامن ت?? ڪنهن ??ه قسم جو ڪو ٺاهه نه ڪيو وڃي ۽ گهٽ خرچ ۾ بهتر??ن سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي، نجي ڪمپنين جي سخت نگراني ڪري اهو يقيني بڻايو وڃي ته ان جي وسيلي پرائيويٽ اسڪيم تحت ويندڙ حاجين کي پڻ ڪنهن ??ه قسم جون مشڪلاتون پيش نه اچن، حج پاليسي فوري طور تي وفاقي ڪابينا کي منظوري جي لاءِ پيش ڪيو وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري بيان موجب نگرا?? وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ مذهبي معاملن واري وزارت جو اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ وزارت جي ڪارڪردگي جي حوالي سان ت??صيلي بريفنگ ڏني وئي. نگرا?? وزيراعظم کي حج جي حوالي سان قدمن ۽ حج پاليسي 2024ع جي تياري جي اڳڀرائي کان پڻ آگاهه ڪيو ويو. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي نگرا?? وزيراعظم چيو ته حج جهڙي اهم فرض کي سرانجام ڏيڻ کي حاجين جي لاءِ آسان ۽ سستو بڻائڻ جي لاءِ ڀرپور قدم کنيا وڃن. هن هدايت ڪئي ته حاجين جي لاءِ ڪيل انتظامن ت?? ڪنهن ??ه قسم جو ٺاهه نه ڪيو وڃي ۽ گهٽ خرچ ۾ بهتر??ن سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي. هن وڌيڪ هدايت ڪئي ته نجي ڪمپنين جي سخت نگراني ڪري اهو يقيني بڻايو وڃي ته انهن ??ي وسيلي سان پرائيويٽ اسڪيم تحت ويندڙ حاجين کي پڻ ڪنهن ??ه قسم جون مشڪلاتون پيش نه اچن. نگرا?? وزيراعظم هدايت ڪئي ته حج پاليسي جلد وفاقي ڪابينا کي منظوري جي لاءِ پيش ڪئي وڃي. اجلاس ۾ مذهبي معاملن واري نگران وفاقي وزير انيق احمد، مذهبي معاملن واري وزارت جي ايڊيشنل سيڪريٽري ۽ لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي.