بيجنگ – 28 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطل??عا?? ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ??يٽو پاڪستان سميت اسرندڙ ملڪن کي ترقي جا نوان موقعا فراهم ڪيا، اهو منصو??و پاڪستان ۽ چين جي لاڳاپن جو سنهري باب آهي. اها ڳالهه هن چين جي دوري تان وطن واپسي جي موقعي تي چائنا ميڊيا گروپ جي اردو سروس سان ڳالهائيندي چئي. اطل??عا?? واري نگران وفاقي وزير بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ??يٽو (بي آر آئي) جي 10 هين سالگرهه تي چين جي حڪومت ۽ عوام کي مبارڪباد ڏني. بي آر آئي جي فليگ شپ منصوبي سي پيڪ بابت ڳالهه ٻولهه ڪندي هن چيو ته اهو منصو??و پاڪستان ۽ چين جي لاڳاپن جو سنهري باب آهي، سي پيڪ پاڪستان جي توانائي، انفراسٽرڪچر ۽ مواصلات جي ??عب?? ۾ نمايان سيڙپڪاري فراهم ڪئي آهي جنهن سان ترقي ۽ روزگار جا نوان موقعا پيدا ٿيا. هن ان يق??ن جو اظهار ڪيو آهي ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيندا. هن چيو ته پاڪستان سي پيڪ جي هڪ نئين دور ۾ داخل ٿي رهيو آهي جنهن ۾ ايم ايل ون جهڙا نوان منصوبا جاري آهن. هن چيو ته هي منصو??و پاڪستان جي ريل سروس ۾ سنگ ميل ثابت ٿيندو ۽ روزگار ۽ ترقي جا نوان موقعا متعارف ڪرائيندو. نگران وفاقي وزير ان يق??ن جو اظهار ڪيو ته آڪٽوبر ۾ پاڪستان جي اعليٰ قيادت جو چين جو ايندڙ دورو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن ۾ هڪ نئين دور جي شروعات ڪندو. هن چيو ته بدلجندڙ عالمي سياسي منظرنامي جي باوجود پاڪ چين لاڳاپا هر گذرندڙ وقت سان گڏ بهتر ٿي رهيا آهن.