لاهور – 15 – ڊسمبر (ا?? پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي گهرواريءَ ۽ خات??ن اول بيگم ثمينه عارف علوي شالامار باغ لاهور جو دورو ڪيو ۽ تاريخي ورثي جي تحفظ جي لاءِ پنجاب حڪومت جي ڪوششن کي ساراهيو، شالامار باغ پهچڻ تي خات??ن اول ثمينه عارف علوي جي آجيان ڊائريڪٽر جنرل وا??ٽ سٽي آف لاهور اٿارٽي ڪ??مران لاشاري ۽ اميچيئور گارڊنرز ڪلب جي چيئرپرسن نوشين سرفراز ڪيو ۽ ان جي آجيان ڪئي. اميچوئر گارڊنرز ڪلب جي چيئرپرسن نوشين سرفراز ان مو??عي تي خات??ن اول کي شالامار باغ ۾ وڻ ۽ ٻوٽن ۽ گلن بابت ٿيل ڪمن جي تفصيلن کان آگاهه ڪيو. ڊائريڪٽر جنرل وا??ٽ سٽي آف لاهور اٿارٽي ڪ??مران لاشاري خات??ن اول کي شالامار باغ جي رنگ روغن ۽ تحفظ بابت جاري ڪمن بابت بريفنگ ڏني. بيگم ثمينه عارف علوي آثار قديمه جي ورثي جي تحفظ لاءِ صوبائي حڪومت ۽ وا??ٽ سٽي لاهور جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ سارسنڀال جي لحاظ کان شالامار باغ جي انتظاميا کي ساراهيو ۽ چيو ته حڪومت ثقافتي ورثي جي تحفظ جي لاءِ سڀئي ممڪن وسيلا استعمال ۾ آڻي رهي آهي. بعد ۾ خات??ن اول بيگم ثمينه عارف علوي شالامار باغ جي مختلف حصن جو دورو ڪيو. آخر ۾ ڊائريڪٽر جنرل وا??ٽ سٽي آف لاهور اٿارٽي ڪ??مران لاشاري خات??ن اول بيگم ثمينه عارف علوي کي شيل?? پيش ڪئي.