اسلام آباد – 05 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سڄي ملڪ جي اسڪولن ۾ خصوصي ٻارن جي لاءِ جامع تعليم جي فراهمي يقيني بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته جسماني صلاحيت، سماجي ۽ اقتصادي پس منظر کان هٽي ڪري سمورن ٻارن کي هڪ جهڙا تعليمي موقعا ڏيڻا پوندا، نج?? اسڪول، فلاحي تنظيمون معذور ٻارن سميت سڀني جي لاءِ تعليم تائين پهچ وڌائڻ ۾ حڪومتن جو ساٿ ڏين. اهڙن خيا??ن جو اظهار هن گورنر هائوس ۾ ڪراچي جي نج?? اسڪولن ۽ اين جي اوز جي انتظام هيٺ اسڪو??ن جي نمائندن سان ملاقات ۾ ڪيو. تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي، سنڌ جي تعليم واري نگران وزير مسز رانا حسين، سيڪريٽري ڊپارٽمينٽ آف امپاورمينٽ آف پرسنز ود ڊس ايبلٽيز، سيڪريٽري اسڪول ايجوڪيشن اينڊ لٽريسي ڊپارٽمينٽ ۽ ڪراچي ۾ اسڪو??ن جي نمائندن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. صدر اسڪو??ن جي لاءِ ٺوس نصاب جي تياري ۽ لاڳو ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته جامع نصاب ۾ تدريسي طريقن ۽ معذور شاگردن جي ضرورتن کي نظر ۾ رکڻ گهرجي. هن چيو ته تعليمي ادارن کي ريمپ، لفٽ ۽ ٻين ضروري سهولتن جي دستيابي يقيني بڻائڻ گهرجي. هن جامع تعليم تي هڪ بنيادي چارٽ تيار ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته ان ۾ جامع تعليم جي سمورن بنيادي رخن کي شامل ڪرڻ گهرجي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي نج?? شعبي ۽ اين جي اوز جي مدد سان پاڪستان ۾ جامع تعليم تي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ تي پڻ زور ڏيندي چيو ته سنڌ اسڪول ايجوڪيشن ۽ خصوصي ماڻهن کي بااختيار بڻائڻ جا ادارا نج?? اسڪولن ۽ اين جي اوز سان رابطو رکن، نج?? اسڪول جامع تعليم تي پنهنجي ويزن ۽ بهترين تجربن کي سنڌ حڪومت سان شيئر ڪن. صدر چيو ته جامع تعليم تي بنيادي چارٽ جي تياري جي لاءِ نج?? اسڪولن کي خصوصي ماڻهن تي موجوده قانوني فريم ورڪ کي نظر ۾ رکڻ گهرجي، نج?? اسڪول پهرين کان اٺين درجي تائين جامع تعليم تي نيشنل بُڪ فائونڊيشن جي نصاب جو جائزو وٺن. تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي سڄي ملڪ ۾ اسڪو??ن جي حالت بهتر بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن پاڪستان ۾ جامع تعليم جي پيغام کي اڳتي وڌائڻ تي صدر ۽ خاتون اول کي ساراهيو. ان کان اڳ صدر کي خصوصي ماڻهن کي بااختيار بڻائڻ ۽ جامع تعليم تي بريفنگ ڏني وئي.