اسلام آباد – 30 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سامونڊي ۽ سمنڊ کان ٻاهر تيل ۽ گئس جي ذخيرن جي ڳولا لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان قدرتي وسيلن سان مالامال ملڪ آهي، پيٽروليم ڪانفرنس پاڪستان جي بي پناهه معدني ??لاحيت کي مڪمل طور تي استعمال ڪرڻ جي گڏيل عزم جي عڪاسي ڪري ٿي ته جيئن توانائي ۾ پ??ڻڀرائپ کي يقيني ??ڻائي سگهجي ۽ ملڪ کي توانائي جي هڪ علائقائي برآمد ڪندڙ ۾ تبديل ڪري سگهجي. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ پيٽروليم ڪانفرنس 2024ع ۾ خاص مهمان جي حيثيت س??ن شرڪت ڪئي. چيف آف آرمي اسٽاف جنرل سيد عاصم منير ڪانفرنس جو خاص مهمان هو. صوبائي وڏن وزيرن، توانائي واري نگران وفاقي وزير، پيٽروليم واري سيڪريٽري، حڪومتي نمائندن، پاليسي سازن، توانائي ۽ پيٽروليم سيڪٽر جي غيرملڪي ۽ ملڪي سيڙپڪارن ۽ عالمي نمائندن پڻ ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي. ڪانفرنس کي خطاب ڪندي نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان قدرتي وسيلن سان مالامال ملڪ آهي. هن سامونڊي ۽ سمنڊ کان ٻاهر تيل ۽ گئس جي ذخيرن جي ڳولا جي لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏن??. نگران وزيراعظم انفراسٽرڪچر جي ترقي، لاجسٽڪس ۽ سيڪيورٽي ۾ ڳولا ۽ پيداوار جي ڪوششن کي سگهه ڏيڻ جي لاءِ حڪومت جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. نگران وزيراعظم چيو ته هي ڪانفرنس پاڪستان جي بي پناهه معدني ??لاحيت کي مڪمل طور تي استعمال ڪرڻ جي گڏيل عزم جي عڪاسي ڪري ٿي ته جيئن توانائي ۾ پ??ڻڀرائپ کي يقيني ??ڻائي سگهجي ۽ ملڪ کي توانائي جي هڪ علائقائي برآمد ڪندڙ ۾ تبديل ڪري سگهجي. هن خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آئي ايف سي) ۽ توانائي واري وفاقي وزارت کي قاعدن ۽ ضابطن ۽ طريقيڪار کي هموار ڪري سيڙپڪارن جي لاءِ سازگار ماحول کي فروغ ڏيڻ کي ساراهيو. ڪويت فارن پيٽروليم ايڪسپلوريشن ڪمپني ??ي ڪنٽري مئنيجر علي طحيٰ التميمي پاليسي سفارشون جوڙڻ ۽ پيٽروليم جي شعبي ۾ سيڙپڪاري کي وڌائڻ جي لاءِ ڌرين کي گڏ ڪرڻ ۾ پ??ڪستان جي حڪومت جي اڻٿڪ ڪوششن کي ساراهيو.