اسلام آباد – 24 – جنوري (اي ??ي ??ي) نگران وزي??اع??م انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پاڪستاني نوجوان اسان جي آبادي جو 65 سيڪڙو آهن، انهن جي شمولي?? ۽ ??عاون ??انسواءِ دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ فتح ممڪن نه هئي. هو پاڪستان نيشنل يوٿ ڪنوينشن 2024ع کي خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪري رهيو هو. پاڪ فوج جو سربراهه جنرل سيد عاصم منير اعزازي مهمان هو. تقريب کي خطاب ڪندي نگران وزي??اع??م انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته پاڪستاني قوم دهشتگردي جي لعنت جو جرئ?? ۽ ??هادري سان مقابلو ڪيو ۽ لازوال قربانيون ??نيون، پاڪ فوج پوري لگن ۽ پيشيواراڻي مهارت سان دهشتگردي جي خلاف جنگ وڙهي. هن چيو ته پاڪستان جي ذميوار شهري هجڻ جي ناطي اسان کي پاڪستان جي خلاف پاڪستان جي دشمنن جي ڦهلايل پروپئگنڊه کي رد ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستاني نوجوان قومي سلامتي جي ان اڀرندڙ چئلينج کي منهن ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا، ان چئلينج تي ان ئي وقت ضابطو آڻي سگهجي ٿو جڏهن نوجوان، دشمنن جي ڦهلايل پروپئگنڊه کي رد ڪري رياست پاران فراهم ڪيل مستنند معلومات تي دارومدار ڪن.