اسلام آباد – 06 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پوسٽل لائيف انشورنس کي فوتي پال??سي هولڊر جي وارثن کي 50 لک رپين جو ڊيٿ انشورنس ڪ??يم 30 ڏينهن ۾ ادا ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. صدر وفاقي محتسب جي فيصلي جي خلاف پوسٽل لائيف انشورنس جي داخل ڪيل اپيل رد ڪري ڇڏي، پوسٽل لائيف فوتي پاران ڄمڻ جي تاريخ غلط ٻڌائڻ ۽ شگر جي بيماري لڪائڻ جي بنياد ت?? ڪليم ادائيگي کان انڪار ڪيو هو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري تفصيل موجب عبدالعزيز جي والد پوسٽل لائيف کان 2010ع ۾ 50 لک رپين جي انشورنس پال??سي خريد ڪئي هئي. 2015ع ۾ والد جي لاڏڻي ??انپوءِ پوسٽل لائيف پٽ کي رقم جي ادائيگي کان انڪار ڪري ڇڏيو. فوتي جي پٽ انصاف حاصل ڪرڻ جي لاءِ وفاقي محتسب وٽ شڪايت داخل ڪرائي. وفاقي محتسب پنهنجي فيصلي ۾ قرار ڏنو ته فوتي پال??سي هولڊر سڃاڻپ ڪارڊ تي داخل ڄم جي تاريخ موجب انشورنس پال??سي خريد ڪئي ۽ پوسٽل لائيف فراهم ڪيل معلومات قبول ڪرڻ کانپوءِ انشورنس پال??سي جاري ڪئي. فيصلي موجب انشورنس ايجنسي پاران شڪايت ڪندڙ ک?? ڪليم ادائيگي کان انڪار بدانتظامي جي برابر آهي. ڪمپني وفاقي محتسب جي شڪايت ڪندڙ جي حق ۾ فيصلو ڪرڻ تي صدر وٽ اپيل داخل ڪئي. صدر ڪيس جي ٻڌڻي ??ئي ۽ حقيقتن جي روشني ۾ شهري جي حق ۾ فيصلو ڏنو. صدر پنهنجي فيصلي ۾ قرار ڏنو ته انشورنس آرڊيننس موجب ڪا انشورنس پال??سي شروع ٿيڻ جي تاريخ جي 2 سالن کانپوءِ غلط معلومات جي بنياد تي چئلينج نه ٿي ڪري سگهجي. لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي موجب زيابيطس ۽ هاءِ بلڊ پريشر جهڙي بيمارين کي لڪائڻ کي دوکيبازي سان تعبير نه ٿو ڪري سگهجي، اهڙين بيمارين ۾ مبتلا ماڻهو پنهنجي زندگي ۾ وڌيڪ محتاط رهي عام ماڻهن وانگر زندگي گذارين ٿا. صدر هدايت ڪئي ته پوسٽل لائيف وفاقي محتسب جي فيصلي جي 30 ڏينهن ۾ تعميل ڪندي فوتي جي وارثن کي ان جي انشورنس ڪ??يم ادا ڪري.